اسلام آباد

پاڪ-افغان دشمن ساڳيا آهن، خطي ۾ امن لاءِ ڪابل ۾ امن ضروري آهي: نواز شريف

پاڪ-افغان دشمن ساڳيا آهن، خطي ۾ امن لاءِ ڪابل ۾ امن ضروري آهي: نواز شريف
پاڪ-افغان دشمن ساڳيا آهن، خطي ۾ امن لاءِ ڪابل ۾ امن ضروري آهي: نواز شريف
وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته افغانستان جا دشمن پاڪستان جا دشمن آهن، خطي ۾ امن لاءِ ڪابل ۾ امن ضروري آهي، جيڪڏهن افغانستان ۾ امن نه ٿيو ته بدامني سموري ايشيا تائين پکڙجي ويندي، پاڪستان ۾ ترسيل افغان مهاجرن جي عزت سان واپسي چاهيون ٿا. اسلام آباد ۾ هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جي باضابطه شروعات ٿي وئي آهي، وزيراعظم نواز شريف ۽ افغان صدر اشرف غني گڏيل طور تي ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج سميت 14 ملڪن جا نمائندا شريڪ آهن. ان موقعي تي ڪانفرنس کي افتتاحي خطاب ڪندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته هـُو افغانستان بابت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ تي اشرف غني سميت سمورن ملڪن جي نمائندن جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ايشيا ڪانفرنس جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون وٺي رهيو آهي،  علامه اقبال به پنهنجي شاعري ۾ افغانستان جي ايشيا جي دل قرار ڏنو هو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان افغانستان جي خودمختياري جو احترام ڪري ٿو ۽ ان کي پنهنجو برادر ملڪ سمجهي ٿو،  هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جي مقصدن تي پورو لٿو ويندو ۽ افغان جمهوري حڪومت جي حمايت جاري رکي ويندي. نواز شريف چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن، پنهنجي سرزمين تان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پـُر عزم آهيون، داعش جهڙيون تنظيمون سندن عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، افغانستان جا دشمن پاڪستان جا دشمن آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته خطي ۾ امن لاءِ افغانستان ۾ امن اڻٽر آهي، جيڪڏهن ڪابل ۾ امن قائم نه ٿيو ته بدامني سموري دنيا تائين پکڙجي ويندي. افغان مهاجرن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان، افغان مهاجرن جي عزت سان واپسي چاهي ٿو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button