نئين دھلي

  • دسمبر- 2015 -
    10 دسمبر
    اسلام آباد
    PM Nawaz Sharif

    پاڪ-افغان دشمن ساڳيا آهن، خطي ۾ امن لاءِ ڪابل ۾ امن ضروري آهي: نواز شريف

    وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته افغانستان جا دشمن پاڪستان جا دشمن آهن، خطي ۾ امن لاءِ ڪابل ۾ امن ضروري آهي، جيڪڏهن افغانستان ۾ امن نه ٿيو ته بدامني سموري ايشيا تائين پکڙجي ويندي

    وڌيڪ پڙھو
  • 9 دسمبر
    اسلام آباد
    Sushma

    پاڪ-ڀارت برف ڳرڻ شروع، سشما سوراج ڪرڪيٽ، ڪشمير ۽ دهشتگردي بابت اڄ وزيراعظم سان ملاقات ڪندي

    اسلام آباد: ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پهچي وئي آهي، هـُو وزيراعظم نواز شريف ۽ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سان به ملاقات ڪندي، ڀارتي پرڏيهي وزير جي دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز بابت به گرين سنگل ملڻ جو امڪان آهي. پئرس ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ ڀارتي هم منصب نريندر مودي وچ ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ برف رِجـَڻ لڳي آهي، بينڪانڪ ۾ پاڪ-ڀارت قومي سلامتي جي صلاحڪارن وچ ۾ ٿيل ملاقات بعد ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج به اڄ پاڪستان پهچي وئي آهي. سشما سوراج هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ وزيراعظم نواز شريف ۽ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز  سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪندي. ذريعن موجب، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، پاڪ-ڀارت ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ نئين ايجنڊا طئي ڪرڻ سميت اهم معاملن تي بريڪ ٿرو ٿيڻ جو امڪان آهي. ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج جي پاڪستاني اعليٰ عملدارن سان ملاقات بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ هلندڙ مهيني رٿيل ڪرڪيٽ سيريز بابت به فيصلو ٿيڻ جو امڪان آهي.  وزيراعظم نواز شريف ۽ نريندر مودي وچ ۾ ملاقات ۽ بينڪانڪ ۾ پاڪ-ڀارت قومي سلامتي جي صلاحڪارن وچ ۾ ٿيل…

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button