تعليم ۽ نئين ٽھي

لاڙڪاڻي ۾ ڊگري ڪاليج جي پرنسپل خلاف احتجاجي ڪئمپ قائم

آءِ اين اين، مانيٽرنگ ڊيسڪ
لاڙڪاڻو: گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي پروفيسرن ۽ ليڪچرارن پاران ٻارهين ڏينهن به ڊگري ڪاليج جي پرنسپال سرور قريشي خلاف احتجاجي ڪئمپ جاري رکي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سينئر پروفيسر لياقت علي ابڙو ۽ ٻين چيو ته پرنسپال سرور قريشي ڪاليج کي ذاتي جاگير سمجهي ويٺو آهي ۽ جاگيردار وانگر من پسند فيصلا ڪري استادن ۽ شاگردن جي تذليل ڪرائي رهيو آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبي. اسان ڪلاس پابندي سان هلائي هريا آهيون پر پرنسپال پنهنجي وانگارو ماڻهن ذريعي ڪلاسن مان پڙهندڙ شاگردن کي زوري ٻاهر ڪڍرائي ڪوڙا احتجاج ڪرائي رهيو آهي. هنن چيو ته سرور قريشي ڪاليج مان سڀ باغ وڍرائي ڪاليج کي ويران بڻائي ڇڏيو آهي ۽ وڻ وڍائي کپائي ڇڏيا آهن ليباريٽرين جي سامان جا فنڊ کائي ويا آهن ۽ ليباريٽرين کي بند ڪرائي ڇڏيو آهي هن چيو ته ڊگري ڪاليج کي تباهي جي ڪناري تي پهچائيندڙ سرور قريشي کي هٽائي ڪنهن ايماندار پرنسپال کي مقرر ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button