مورو

مورو ۾ واپڊا ڪمپنين جي نجڪاري خلاف ھڙتال

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
Wapda
مورو ۾ آپريشن واپڊا سيپڪو مورو جي ليبر يونين آل پاڪستان ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين (CBA) طرفان واپڊا ڪمپنين جي نجڪاري خلاف اڄ ملڪ گير ھڙتال جي سڏ تي آفيسن جي تالا بندي ڪري عمارتن تي ڪارا جھنڊا چاڙھي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج مظاھرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي ڊويزنل چيئرمين لياقت آرائين، جنرل سيڪريٽري محمد اسلم جوکيو، ايس ڊي او عبدالستار چنا، عبدالغفار ميمڻ، ملوڪ کوسو، اسلم عباسي، شوڪت سولنگي، اظهر کوکر، اصغر ملاح، عبدالخالق سومرو، اياز ملاح ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا انهي موقعي تي اڳواڻن واپڊا کي نجڪاري ۾ تبديل ڪرڻ وارو فيصلو وفاقي حڪومت واپس وٺي ته جيئن مزدورن مان بيچيني ختم ٿي سگهي ھنن وڌيڪ چيو ته ورلڊ بينڪ آئي ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن جي چوڻ تي واپڊا ڪمپنين کي نجڪاري ڪرڻ وارو فيصلو سرڪار زبردستي مڙھي رھي آھي جيڪو سراسر غلط ۽ مزدورن سان نا انصافي آھي جڏھن ته ڪراچي فيصل آباد ۽ اسلام آباد ۾ اھڙي قسم جو تجربو ناڪام ٿي چڪو آھي اربين، کربين روپين جي قومي بجلي مختلف سيٺن ۽ سرمائيدارن حوالي ڪنھن به صورت ۾ ڪرڻ ڪو نه ڏينداسين اسان جي جدوجھد حق ۽ سچ لاءِ آھي جيڪا جاري رھندي ۽ حڪمرانن کي واپڊا جي نجڪاري جو فيصلو واپس وٺڻو پوندو ھنن چيو ته واپڊا اندر ڪم ڪار ڪرڻ ۽ ڊيوٽي دوران ھر سال 2 سو لائين مين شھيد ٿي وڃن ٿا ۽ ڪيترا ئي بجلي چورن ھٿان زخمي ٿين ٿا پر انهن جي وفاق ڪا به سار نه لهي هنن عابد شير علي پاران هٽايل ملازمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اسان عابد شير علي پاران ملاازمن کي بلا جواز معطل ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪريون ٿا ۽ عابد شير کي چتاءُ ٿا ڏيون ته وپڊا جي ملازمن مٿان دٻاءُ وجهڻ بجاءِ انهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي جڏهن پوليس پاران واپڊا آفيسرن مٿان گڏھ جو ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل جي پڻ سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، ھنن ملڪ جي وزير اعظم، سياسي رھنمائن، سينٽ آف پاڪستان، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي واپڊا ڪمپنين جي نجڪاري ڪرڻ خلاف واپڊا پورھيتن جو ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي.
مورو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button