ڪراچي

ڪراچي: چائنا نيو ڪليئر پاور پلانٽ لڳائڻ سان ماحولياتي گدلاڻ ۽ زهريلي ڪيميڪل سان صحت ۽ زندگين کي وڏو خطرو

سڪندر ڀٽو، ڪراچي
China Plantڪراچي ۾ پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن پاران چائنا نيو ڪليئر پاور پلانٽ لڳائڻ سان شهر جي 2 ڪروڙ کان مٿي آبادي ماحولياتي آلودگي ۽ خارج ٿيندڙ زهريلي ڪيميڪل سان صحت ۽ زندگين کي وڏو خطرو آهي ، هن بابت سيپا جي قانون تحت نئين سر اي آءِ اي رپورٽ جوڙي وڃي ، جاپان نيو ڪليئر پلانٽ 1986 ۾ ٿيندڙ CHERNOBYL ۾ 2011 ۽ يوڪرائن وارين واقعن ۾ هڪ لک 50 هزار ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي، جڏهن ته 30 ڪلوميٽر جو علائقو انساني جانين لاءِ متاثر ٿيون ۽ 250 ڪلوميٽر جي علائقي ۾ خوراڪ ۽ پاڻي تي به ان جا وڏا اثر ٿيا جنهن کان پوءِ يوڪرائن ۾ 28 سال گذرڻ باوجود ڄاڻايل علائقي ناقابل استعمال آهي سائنسي ماهر آسڪر ايوارڊ يافته شرمين عبيد چنائي ۽ ماهر ماحوليات ڊاڪٽر مختيار ڀٽو ۽ ٻين جون آن لائن انڊس نيوز سان ڳالهيون ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري هاڪس بي واري علائقي ۾ چائنا نيشنل نيو ڪليئر ڪارپوريشن جي ڊيزائن ڪيل 2 نيو ڪليئر پلانٽ لڳايا پيا وڃن انساني زندگين لاءِ هاڃيڪار اهي پاور پلانٽ 1100 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندا ، هن سلسلي ۾ آن لائن انڊس نيوز سان ڳالهائيندي ماهر سائنسدان آسڪر ايوارڊ يافته شرمين عبيد چنائي، ماهر ماحوليات ڊاڪٽر اي ايڇ نيئر ، ڊاڪٽر مختيار ڀٽو ، ايڊووڪيٽ عبدالستار پيرزادو ، ايڊووڪيٽ ذوالفقار جلباڻي ٻين چيو ته پاڪستان ايٽامڪ انجرجي ڪميشن پاران ڪراچي ۾ جيڪي سمنڊ ڪناري هاڪس بي واري علائقي ۾ ٻن وڏن نيو ڪليئر پاور پلانٽ ڪي ٽو ۽ ڪي ٿري جي سائيٽ جي تياري جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته فور ۽ ڪي جو فائيو منصوبو غور هيٺ آهي، هنن چيو ته هر پاور پلانٽ 1100 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندو، ڄاڻايل ري ايڪٽرز چائنه نيشنل نيو ڪليئر ڪارپوريشن جي نالي تحت ڊيزائن تيار ڪيو ويو آهي، APC1000 ڊيزائن ڪيو آهي، جيڪو ان قسم جو ري ايڪٽر نه ته چائنه لڳائي رهي آهي ۽ نه ئي اهڙا ڪا ري ايڪٽر چائنا آپريٽ ڪري رهيو آهي، ڄاڻايل ري ايڪٽر صرف ڪاغذن ۽ ڪميپوٽر ۾ چائنا ڊيزائن تحت ڊيزائن ڪيا ويا آهن جيڪي چائنا ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هي ٽيڪنالوجي پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ نيو ڪليئر APC1000 آڻي پئي وڃي ۽ اهو ري ايڪٽرز ۾ استعمال ڪيو ويندو، ان حوالي سان پاڪستان ايٽماڪ انرجي ۽ ٻين ادارن شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ بابت ڪي به قدم ناهن کنيا ويا ۽ ان تي غير يقيني صورتحال آهي، اهڙي صورت ۾ ماحولياتي آلودگي ۽ هنن ري ايڪٽرز نيوڪليئر پلانٽ جي زهريلي ڪيميڪل خارج ٿيڻ سان ڪراچي جي شهرين جي 2 ڪروڙ آبادي جي صحت ۽ زندگين کي وڏو خطرو آهي هنن ته نيو ڪليئر پلانٽFUKHSHIMA هتي اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته جاپان نيو ڪليئر پلانٽ 1986 ۾ ٿيندڙ CHERNOBYL ۾ 2011 ۽ يوڪرائن کانپوءِ واقعن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، جاپان ۾ نيوڪليئر پلانٽ جي واقعي بعد فوري طور تي شهر جي هڪ لک 50 هزار ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي، جڏهن ته 30 ڪلوميٽر جو علائقو انساني جانين لاءِ متاثر ٿيو ۽ 250 ڪلوميٽر جي علائقي ۾ خوراڪ ۽ پاڻي تي به ان جا وڏا اثر ٿيا. سائنسي ماهرن ٻڌايو ته يوڪرائن ۾ 28 سال گذرڻ باوجود ڄاڻايل علائقا استعمال جي قابل نه آهن ، جڏهن ته ڪراچي شهر جي 2 ڪروڙ آبادي جي ماحولياتي آلودگي ۽ زهريلو مادو ڦاٽڻ سان پاڪستان اٽامڪ انجرجي ڪميشن وٽ ڪي اهڙا جوڳا اپاءُ وٺڻ ۽ ڪنهن واقعي کانپوءِ ماڻهن کي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪرڻ جو ڪو نظام يا انتظام موجود نه آهن هنن چيو ته صرف ڪراچي ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر ناهي پر معاشي شهر حب ، گڏاڻي ۽ ٻيا علائقا به هن سان پڻ متاثر ٿيندا، تنهن ڪري اهڙو ڪو واقعو ٿيو ته ڪراچي جي شهرين صحت ۽ زندگين ، پيئڻ جي پاڻي ، کاڌو خوراڪ ۽ ٻين شين لاءِ وڏا خطرا پيدا ٿي ويندا ، سانئنسي ، ماحولياتي ماهرن ۽ ڊاڪٽرن ، وڪيلن ۽ شهرين جو چوڻ آهي ته هي ماحولياتي آلودگي ۽ زهريلي مادي وارا انساني جانين لاءِ خطرناڪ نيو ڪليئر پاور پلانٽ ڪراچي شهر جي رهندڙ 2 ڪروڙ کان مٿي آبادي کان پري لڳايا وڃن ته جئين ڪراچي ۽ ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ به پوري ٿي وڃي ۽ انساني جانيون به بچي سگهين هنن چيو پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن وارا سيپا جي قانون تحت عمل ڪري سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي وارن کان نئين سر اي آءِ اي رپورٽ وٺي ڪري منصوبو تيار ڪن جنهن سان شهرين ۽ عوام جا خدشا ختم ٿي وڃن …
ڪراچي ۾ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن پاران چائنا نيو ڪليئر پاور پلانٽ لڳائڻ بابت انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ سان ڳالهائيندي سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي جي انچارج سيڪريٽري نائيله واجد چيو ته هنن وڏن منصوبن لاءِ انيشل انوائرمنٽل ايڪٽ 2014 تحت رپورٽ لاءِ رجوع ڪيو ويندو آهي جنهن سان سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي قانون جي تحت جتي اهڙا منصوبا لڳايا ويندا آهن اتي عوامي اجلاسن ۾ شهرين جا خدشا ٻڌڻ کان پوءِ عوام ۽ شهرين جا خدشا ختم ڪري انيشل انوائرمنٽل ايڪٽ 2014 تحت رپورٽ کان پوءِ اجازت ڏني ويندي آهي ، هن چيو ته هن کان اڳ هي قانون وفاق وٽ هو هن جو نالو اي پي ايEPA ) 1997 (هو ۽ ارڙهين ترميم کان پوءِ هي قانون صوبن ڏانهن منتقل ٿيو آهي هن چيو ته پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن پاران ڪراچي جي هاڪس بي واري علائقي ۾ چائنا نيو ڪليئر پاور پلانٽ لڳائڻ بابت ڪي ٽو ۽ ڪي ٿري جي منصوبين لاءِ عوامي خدشا ختم نه ڪيا ويا آهن ۽ اهي خدشا ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي درخواست آيل جنهن تي ڪم هلندڙ آهي …
ڪراچي ۾ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن پاران چائنا نيو ڪليئر پاور پلانٽ لڳائڻ بابت اسلام آباد مان انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ سان نالو نه ظاهر ڪرڻ جي شرط تي پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي هڪ سينئر آفيسر ٻڌايو ته هي معامرو حساس نوعيت جو آهي، ان لاءِ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن پاران سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي وارن کان ماحولياتي رپورٽ بابت عوامي اعتراضن جي مساعت ناهي ٿي ۽ وفاقي سرڪار پاران،هنن منصوبين جي منظوري ڏني آهي، جڏهن ته هي منصوبا مڪمل تحفظ وارا آهن جيڪي پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن ماحوليات کاتي وارن سان اجازت وٺڻ لاءِ لکيو آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان هن وقت چار نيوڪلئر پاور پلانٽن جو ڪم شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ پنجاب ۾ چشمه بيراج تي ٻه پروجيڪٽ لڳايا پيا وڃن جڏهن ته سنڌ ۾ ڪراچي شهر جي سمنڊ جي ڪناري تي هاڪس بي واري علائقي ۾ نيو ڪليئر پلانٽن جو ڪم شروع ٿي رهيو آهي جنهن مان 2280 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي ، جنهن سان پاڪستان ۾ هلندڙ بجلي جو وڏو بحران ختم ٿي ويندو …
ڪراچي ۾ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن پاران چائنا نيو ڪليئر پاور پلانٽ لڳائڻ بابت انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ سان ڳالهائيندي هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان سنڌ جي اسسٽنٽ ڪوآڊينيٽر عبدالحئي ، ايشن هيومن رائيٽس ڪميشن جي اڳواڻ حسن عطر ٻين سماجي ، سول سوسائيٽي جي اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن پاران چائنا نيو ڪليئر پاور پلانٽ لڳائڻ سان ماحولياتي آلودگي ۽ زهريلي مادي ڦهلجڻ سان ڪراچي جي 2 ڪروڙ کان مٿي آبادي کي نقصان ٿيندو جنهن سان ماڻهو هر شئي کان مفلوج ٿي ويندا هنن چيو ته سول سوسائيٽي شهرين 7 ٻين ماڻهن کي هن منصوبي خلاف اڳيان اچنو پوندو ، هنن چيو ته جيڪڏهن انسان دشمن منصوبي کي ڪراچي ٻاهر منتقل نه ڪيو ويو ته اسان هن خلاف عدالتن جو در کڙڪائينداسين…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button