مورو

مورو: نوان جتوئي سميت بين ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ منشيات عروج تي پھچي ويو

عبدالوحيد مستوئي، مورو

نوان جتوئي سميت بين ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ منشيات عروج تي پھچي ويو
نوان جتوئي سميت بين ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ منشيات عروج تي پھچي ويو

نوان جتوئي سميت بين ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ منشيات عروج تي هلڻ لڳي، مختلف هنڌن تي ڪيترائي ڪچي شراب جا اڏا کليل، پوليس منٿليون اوڳاڙڻ ۾ مصروف عوام ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي وئي، مورو ۽ ان جي آسپاس ۾ ڪچي شراب سميت واليتي شراب جي وڪرو ۾ اضافو اچي ويو آهي جنهن جي ڪري نوجوان نسل تباهي طرف وڃڻ لڳو، تفصيل موجب؛ مورو نوان جتوئي ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ ڪچي شراب ۽ ولايتي شراب عروج تي وڪرو ٿيڻ لڳو آهي جڏهن ته ڪافي شڪايتن جي باوجود پوليس منٿليون اوڳاڙڻ ۾ مصروف آهي جڏهن ڪچي شراب جي روڪٿام لاءِ ڪي به قدم کڻڻ جي لاءِ تيار ناهي جنهن جي ڪري هتان جو نوجوان نسل تباهي طرف وڃي رهيو آهي هوڏانهن نوان جتوئي جي عوام پڻ ڪافي سالن کان ٻٽي غزاب ۾ مبتلا ٿي وئي آهي ۽ نوان جتوئي گذريل 6 سالن کان هڪ نڌڻڪو شهر بڻيل آهي جنهن جو ڪو اوهي واهي ناهي رهيو ان سلسلي ۾ جسقم نوان جتوئي جي اڳواڻڻ ڪارڪنن اميتاز کوسو، مظهر پنهور، حبيب الله، رضا کوسو، همت علي، ضمير احمد ۽ ٻين دانهون ڪندي ٻڌايو ته نوان جتوئي ۽ ان جي آسپاس ڪچي شراب جو وڪرو عروج تي هلي رهيو آهي جنهن جي ڪري اسان نوان جتوئي جي شهري توڙي هتان جا ڳوٺاڻا وڏي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون ڪافي مرتبه پوليس کي شڪايت ڪئي آهي پر هتان جي پوليس انهن منشيات وڪرو ڪندڙن سان ٻٽ بنيل آهي ۽ منٿلي وصول ڪري انهن کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي هنن چيو ته هتان جا چونڊيل نمائنده پڻ عاب ٿي ويا جنهن جي ڪري اسان جو شهر نوان جتوئي هڪ نڌڻڪو شهر بڻجي چڪو آهي هنن يچيو ته اسان حڪومت ڌر ۽ انتظاميه مان هاڻي ڪابه اميد نه ٿا رکون ان ڪري اسان نوان جتوئي جا باشعور ماڻهون صحافي دوستن کي اپيل ٿا ڪريون ته نوان جتوئي شهر کي جوارين شرابين کان پاڪ ڪرائڻ لاءِ اسان جي شهر نوان جتوئي بابت خبرون هلائي اعلى ايوانن ۾ ويٺلن جي ڪنن تائين اهي مسئلا پهچائين ته جيئن اسان جي شهر کي انهن منشيات فروشن کان پاڪ ڪرايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسان احتجاج شروع ڪندي اڻ اعلانيل مدي تائين جاري رکنداسين. هوڏانهن مورو شهر ۾ منشيات جو سرعام وڪرو نوجوان نسل تباھ شهر جي مخلتف علائقن محلن ۽ گلين ۾ منشيات شراب، چرس، هيروئن، آفيم، ڀنگ سرعام هلي رهي آهي جڏهن ته شهر جي مک روڊن رستن پاڙن محلن ۽ بس اسٽيڊن وٽ کليل دڪانن ۽ مانڊڙين تي نشي آور شيون مين پڙي، گٽڪو، 2100 سئو، پان پراڳ، فال سميت ٻيون ڪيتريون ئي آيل نشي واريون سپاريون سرعام هلي رهيون آهن ۽ انهن جو وڪرو به عروج تي پهچي ويو آهي، نشي واريون شيون واپرائڻ سبب شهر جا ڪيترائي نوجوان، شاگرد، مرد توڙي معصوم ٻارڙا به ان نشي آور شين جا عادي بڻجي ويا، جنهن سبب ڪيترن ئي خاندانن جا ٻارڙا نشي جهڙي موضي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، هتان جي انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل ۽ منٿلي مقرر ڪري نشي واريون شيون وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، پوليس اسان کان منٿلي وٺي ٿي ان ڪري اسان سرعام نشي واريون شيون ۽ منشيات جو وڪرو ڪري رهيا آهيون، نشي آور شيون وڪرو ڪندڙ جو اعتراف، جڏهن ته ان نشي آور شين جي سختي سان منع هجڻ جي باوجود مورو شهر ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ننڍن شهرن محلن گلين گهٽين ۾ نشي واريون شيون سرعام واپرئجي رهيون آهن ۽ وڪرو ٿي رهيون آهن ان نشي آور شين جي عام جام وڪري ٿيڻ سبب پورهيت جن ۾ رڪشا هلائيندڙ، گڏھ گاڏو هلائيندڙ، ڊارئيور ۽ مزدوري ڪندڙ پڻ ان نشي جا عادي بڻجي ويا آهن جنهن جي ڪري ڪيترائي حادثي جو شڪار ٿي ويا ۽ ڪيترن بي گناھ ماڻهن جون جانيون ضايع ٿي ويون آهن جنهن جو اصل ڪارڻ اهي نشي واريون شيون واپرائڻ آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته اسان ڪافي شڪايتون ڪيون آهن هتان جي انتظاميه کي پر ان شڪايتن جي باوجود هتي جي پوليس ڪابه ڪاروائي ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي، هنن داهيندي چيو ته منشيات سميت سڀ نشي واريون شيون انساني صحت لاءِ تمام خطرناڪ آهن جنهن جو وڪرو مڪمل بند ڪري نوجوان نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ ان نشي وارين شين تي پابندي هنئي وڃي، هن نشي وارين شين جو سرعام هلڻ سان اسڪول جون ڇوڪريون ۽ عورتون پڻ عادي بڻجي ويون آهن، جيڪو هڪ الميي کان گهٽ ناهي جو هڪ شهر ۾ هلندڙ ان نشي وارين شين جي واپرائڻ سان نوجوان نسل، شاگرد، شاگردياڻيون، پورهيت، مزدور، مرد توڙي عورتون ان موضي مرض ۾ مبتلا ٿين. ان سلسلي ۾ مورو جي شهرين راشد علي ڪلهوڙو، غلام اڪبر، حاجي خان سمون، ياسين ملاح، امين ڪلهوڙو، محمد خان، علي گوهر ۽ بين چيو ته مورو تعلقي ۾ پڻ منشيات جنهن ۾ ولائتي شراب، ڪچو شراب، مين پڙيون، ايڪيھ سئو، پان پراڳ، چرس، آفيم سميت ٻيون منشيات واريون شيون عروج تي وڪرو ٿي رهي آهي جنهن جي شڪايت مورو سميت ضلعي انتظاميه کي ڏني وئي پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي نه ئي منشيات جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ جي لاءِ تيار آهي مورو ۽ ان جي آسپاس ۾ منشيات عروج تي هلي رهي آهي. هنن حڪومت سنڌ انتظاميه ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ، ڊي سي نوشهروفيروز، اسٽنٽ ڪمشنر مورو ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته مورو شهر کي ان فحاشي اڏن ۽ قبضا خورن، شراب وڪرو ڪندڙن ۽ جوا هلائيندڙن کان آجو ڪري انهن خلاف آپريشن ڪري انهن جو مڪمل خاتمو آڻي اسان شهرين جي لاءِ سڪون وارو ماحول فراهم ڪيو ۽ انهن کي اهي سڀ شيون ختم ڪري هڪ شريف انسان واري زندگي گذارڻ جو چئي هڪ عظيم انسان وارو ڪردار ادا ڪيو وڃي ته جيئن اسان جي نوجوان نسل ان موضي مرض کان بچي سگهي جيڪڏهن ڪو قدم نه کنيو ويو ته اسان مورو جا شهري انتظاميه کي چتاءُ ٿا ڏيون ته جيڪڏهن نشي وارين شين تي ڪنٽرول نه ڪرايو ويو ۽ انهن خلاف ڪو آپريشن نه ڪيو ويو ته اسان توهان انتظاميه خلاف اٿي کڙا ٿينداسين ۽ روڊن تي احتجاج ڪري مڪمل رستا بند ڪري ڇڏينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button