مورو

مورو: شاگرد تي تشدد ۽ ڪوڙي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

عبدالوحيد مستوئي، مورو
Moro torture on student (640x271)
ڪاليج جي شاگرد عرفان سولنگي تي تشدد ۽ ڪوڙي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مورو ڀرسان ڳوٺ غلام محمد سولنگي جي رهواسين جو قمرالدين ٿاڻو جي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جو گشت ڪندي مورو پريس ڪلب اڳيان پهچي سخت نعري بازي ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن جي اڳواڻي سڪندر سولنگي، مرتضيٰ سولنگي، عمران سولنگي، مختيار سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي هنن چيو ته قمرالدين ٿاڻي جي پوليس بااثر وڏيري جي ونگار وهندي فرسٽ ايئر جي شاگرد عرفان علي سولنگي کي اسڪول کان گهر ويندي بلا جواز پڪڙي تشدد جو نشانو بڻائي کيس گم ڪري ڇڏيو جڏهن شاگردن جي مائٽن کي اها خبر پئي ته سندن مٽن مائٽن ۽ ڳوٺاڻن انهي زيادتي خلاف اڄ مورو شهر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب مورو اڳيان بک هڙتال ڪئي جتي پوليس ۽ هڪ وڏيري خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا پريس ڪلب اڳيان ويٺل بک هڙتالين جو چوڻ هو ته قمرالدين ٿاڻو جي پوليس بااثر وڏيري دوست علي سولنگي جي ونگار وهندي اسان جي نينگر تي جيڪو ڪالج جو شاگرد پڻ آهي جنهن مٿان جهيڙي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي هنن سيشن جج نوشهروفيروز ايس ايس پي نوشهروفيروز کي اپييل ڪئي ته مذڪوره داخل ڪوڙي ڪيس جي انڪوائري ڪري شاگرد سان ڪيل ناانصافي جو ازالو ڪري شاگرد کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو انهي زيادتي خلاف هڙتال جو سلسلو جاري رکنداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button