مورو

مورو : ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو سلسلو شروع، ٽوپين ۽ اجرڪن جي دڪانن تي رش

عبدالوحيد مستوئي، مورو

مورو : ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو سلسلو شروع، ٽوپين ۽ اجرڪن جي دڪانن تي رش
مورو : ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو سلسلو شروع، ٽوپين ۽ اجرڪن جي دڪانن تي رش

سنڌ جي مختلف ٽي وي چينلن ۽ اخبارن پاران ڏنل ثقافتي سڏ تي مورو ۾ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ان سلسلي ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن شاگردياڻين ۾ جوش ۽ جذبو وڌي ويو آهي سنڌي گيتن تي رقص، ٽيبلوز پيش ڪيا پيا وڃن خبر موجب؛ ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ واري اعلان کانپوءِ مورو ۾ ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان تياريون زور شور سان وڌي ويون آهن ۽ مورو شهر جي ماڻهن ۾ جوش خروش تمام وڌي ويو ۽ سنڌي ٽوپين اجرڪن جي دڪانن تي خريداريءَ ۾ اضافو ٿي ويو، ان سلسلي ۾ مورو جي مختلف پرائيويٽ اسڪولن توڙي سرڪاري اسڪول جنهن ۾ شمع پرائوڊ پبلڪ هاءِ اسڪول، شمع ڪمپيوٽر سينٽر، ماريه پبلڪ اسڪول مورو جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهري ثقافتي ڏينهن جي آجيان ڪندي سنڌي گيتن تي رقص ڪيو ۽ جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن، نعري سنڌ، سدا جيئي سنڌ جا نعرا هنيا، ان موقعي تي اسڪول جي استادن ۽ شاگردن شاگردياڻين ايم ڊي علي اڪبر سهتو، سر منصور اڪبر سهتو، جبار ميمڻ، سارخ سهتو، نثار سهتو، غوري سهتو، مسڪان سهتو، ارم سولنگي، دانش ڪلهوڙو، ست رنگي سمون، مسرور ڪورائي، عظيم سيال، انيس سهتو، سونهن سهتو، سانجھ سهتو، ماريه سهتو، اون سيال، ماجد سيال ۽ بين پاران ٽيبلو پيش ڪري سنڌي گيتن تي رقص ڪيو ويو جڏهن ته شمع پرائوڊ پبل هاءِ اسڪول مورو جي شاگردن شاگردياڻين اقراءَ گل، انيلان ناز، شازيه جوکيو، غنوى لغاري، ناديه شاھ، نِدا شاھ، ماريه، ڪلثوم جوکيو، بِسمه مستوئي، فضا چانڊيو، سرمد سنڌي، فاطمه ڪلهوڙو ۽ ٻين پاران سنڌي گيتن تي رقص ڪيو ۽ ٽيبلو پيش ڪيا ان موقعي تي خطاب ڪندي هنن چيو ته اسان جي ثقافت هڪ قديمي ثقافت آهي جنهن جا رنگ تمام نرالا آهن ۽ سنڌ جي ثقافت سان هر ڪنهن کي پيار ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڏينهن کي ملهائڻ سان دل کي سڪون ملي ٿو، زنده قومون پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي برقرار رکڻ لاءِ ان ڏينهن کي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهن هنن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي سان پيار جي اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ ايندڙ نئين نسل کي به سنڌ جي ثقافت بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي، سنڌ ڌرتي جي باري ۾ اسان کي صوفي شاعرن به پيار ۽ محبت جو پيغام ڏنو آهي، هي سنڌ ڌرتي جو حق آهي جيڪو اسان ملهائي رهيا آهيون، ۽ پنهنجي ٻارڙن کي به ان بابت آگاھ ڪري رهيا آهيون ۽ 7 ڊسمبر تي ٿيندڙ ثقافتي ڏينهن تي پوري سنڌ هڪ جڳھ تي گڏ هوندي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button