مختصر خبرون

اتر سنڌ ۾ سوين اسڪول بند آهن، جي ٽي آءِ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
سازش تحت سنڌ ۾ تعليم کي تباهه ڪيو پيو وڃي، اتر سنڌ ۾ سوين اسڪول بند آهن، جنهن سبب هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي، اهڙو اظهار جي ٽي آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل حمادالله انصاري، صوبائي اڳواڻ فاروق احمد شيخ ۽ مفتي محمد اعظم مهر جامعه مدرسي عمربن خطاب پراڻي سکر ۾ ڪوٺايل تعليمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ڀيٽ ۾ مدرسن ۾ سئو سيڪڙو تعليم بهتر آهي، جي ٽي آءِ تعليمي ادارن مان ڪاپي ڪلچر جو خاتمو چاهي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ملڪ جي نوجوانن کي گهمراهه ڪري رهيو آهي، سنڌ جي نوجوانن عمران خان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، آخر ۾ جي ٽي آءِ اڳواڻن سنڌ ۾ تعليم بچايو مهم جي آغاز جو اعلان ڪندي چيو ته سمورن ضلعن ۾ تعليم بچايو سيمينار، احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون جيڪڏهن تعليمي مسئلا حل نه ڪيا ويا ته سنڌ اسيمبليءَ جو گهيراءُ ڪنداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button