سکر

14 آگسٽ تي ڌرڻي نه هڻڻ بابت عمران خان جو بيان مثبت آهي، خورشيد شاهه

عمر سومرو، سکر
Shah IK
پ پ جي مرڪزي اڳواڻ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته 14 آگسٽ تي ڌرڻي نه هڻڻ بابت عمران خان جو بيان مثبت آهي هاڻي حڪومت کي به لانگ مارچ ۾ رڪاوٽون نه وجهڻ گهرجن ۽ عمران خان کي خطاب جو موقعو ڏيڻ گهرجي سکر هوائي اڏي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته هن ڀيري حڪومت ايئن ئي جشن آزادي ملهائيندي جيئن هر سال ملهائي ويندي آهي 14 آگسٽ خيريت سان گذري ويندو پريشاني جي ڪا ڳالھ ناهي هن چيو ته بنون ۾ 9 لک آءِ ڊي پيز اچي چڪا آهن انهن بابت سڀاڻي وزير اعظم سان ڳالهائيندس خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته وچ ۾ ڊرون حملا رڪجي ويا هئا وزيرستان آپريشن شروع ٿيڻ بعد ٻيهر ڊرون حملا شروع ٿيا آهن ۽ آمريڪا کي پڪ ٿي وئي آهي ته وزيرستان ۾ دهشتگرد موجود آهن هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڪمشنر مقرر ڪرڻ لاءِ نالا پارلياماني ڪاميٽي حوالي ٿي ويا آهن اها جلد فيصلو ڪري وٺندي هن چيو ته سکر هوائي اڏي تي ميڊيا جي داخلا تي پابندي جي مذمت ڪيان ٿو ۽ ان بابت اختيارين سان ڳالهائيندس.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button