مورو

مورو: اسسٽنٽ ڪمشنر پاران مھانگائي خلاف اوچتو ڇاپا، کليل ھوٽل بند ڪرايا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
Fruit (640x206)
مورو شهر ۾ رمضان شريف جو احترام نه ڪندڙ هوٽلن ۽ روز مرھ جي شين جا اگھ چوٽ ڪري هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف اڄ ٽئين ڏينهن به اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ڊاڪٽر سيد محمد علي شاھ زيدي روينيو عملي ۽ پوليس جي نفري ساڻ ڪري مورو شهر جي مختلف هنڌن تي اوچتا ڇاپا هڻي کليل هوٽلن کي بند ڪرائي مٿن رمضان شريف جو احترام نه ڪرڻ تي سندن مٿان ڏنڍ وڌا جڏهن ته مٿين آفيسرن مورو شهر ۾ روز مرھ جي شين وڪرو ڪندڙ فريوٽ سبزي برف ۽ ريزيڪي دوڪانن تي وڃي روز مرھ جي شين جا اگھ معلوم ڪيا ۽ وڌيڪ اگھ وٺندڙ 12 کان مٿي 9 هزار ڏنڊ وجهي بروقت وصول ڪيو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پوليس جي نفري جي اوچتن ڇاپن هڻڻ جي ڪري مورو شهر جي منافع خورن توڙي ماھ رمضان جو احترام نه ڪندڙن ۾ ٿرٿلو مچي ويو جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر سان گڏ مورو ميڊيا جا صحافي وحيد رزاق مستوئي، جاني جماڻي ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا. ياد رهي ته ماھ رمضان شروع ٿيندي ئي مورو شهر جي منافع خورن، ذخيره اندوزي ڪندڙن ۽ واپارين اگھ ٻيڻا ڪري هٿرادو مهانگائي پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري مسڪين روزائتن غريب ماڻهن پورهيتن ۽ مزدورن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي ۽ مورو شهر ۾ وڌندڙ هٿرادو مهانگائي سبب ويچارن غريب ماڻهن مزدورن ۽ پورهتين جا ٻچا ڦاڪا ڪشيءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ سندن چلها ٻرڻ بجاءَ اجهاميل نظر اچي رهيا آهن ۽ منافع خورن روز مرھ شين جا اگھ ايترا ته چوٽ چاڙهي هٿرادو مهانگائي پيدا ڪري ڇڏي آهي جو غريب ماڻهن جو ساھ مُٺ ۾ اچي ويو آهي ۽ غريب ماڻهن کان کاڌي پيتي جون شيون وٺڻ محال ٿي ويون آهن ۽ غريب ماڻهن جو چوڻ آهي ته آخرڪار اسان غريب ماڻهن منافع خور واپارين جو ڇا بگاڙيو آهي جو اسان غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ به پريشان آهيون ۽ اسان پنهنجن ٻچن کي بک وگهي تڙپندي ڏسون ٿا پر اسان غريبن تي چونديل نمائندن توڙي سماج جي ٺيڪيدارن کي رحم نه ٿو اچي ۽ اسان ۽ اسان جا ٻچڙا بک ۽ بدحالي جو شڪار آهيون پر اميرن جي دسترخوانن تي ڏھ ڏھ طعام کائڻ لاءِ هوندا آهن تنهن ڪري اسا غريب ماڻهن جي حال تي رحم ڪري روز مرھ جي شين جا ڳاٽي ٽوڙ اگھ ۽ هٿرادو مهانگائي خلاف ڪو سخت قدم کڻي منافع خورن کي سخت سزائون ڏئي اسان غريب ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button