باڊھ

ڀلاري مھيني جي ايندي ئي باڊھ ۾ مھانگائي چوٽ چڙھي وئي

عبدالمجيد جهتيال،باڊهه
Dearnessلاڙڪاڻي ضلعي جي ڏيڍ لک آبادي واري باڊهه شهر ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، هتان جا دڪاندار گيهه، کنڊ، دال، اٽو، چانور، سبزي، فروٽ، گوشت، مڇي سميت عام واهپي جي شين جا اگهه پنهنجي پسند موجب وصول ڪري عوام کي لٽي ۽ ڦري رهيا آهن، گوشت جيڪو 200 رپيا ڪلو وڪامجندو هو اهو هاڻي 350 رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته عام واهپي جي ٻين شين تي پڻ واڌو اگهه مقرر ڪيا ويا آهن، مارڪيٽ ڪاميٽي انتظاميا اگهن واري لسٽ دڪاندارن ۽ ريڙهي وارن کي وقت سر ڏيڻ بجاءِ منجهند جي ٽائيم تي ڏين ٿا، جنهن ڪري هتان جا دڪاندار ۽ واپاري عوام جي ابتي کل لاهي رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو باڊهه جي آسپاس جي ڳوٺن جا رهواسي خريداري لاءِ باڊهه شهر اچڻ بدران نصيرآباد، ڏوڪري، ميهڙ، راڌڻ، ۽ ٻين شهرن جو رخ ڪن ٿا، نتيجي ۾ باڊهه شهر ڪاروباري حوالي سان پٺ تي پئجي ويو آهي، ٻهراڙي جا ماڻهو باڊهه نه اچڻ سبب باڊهه شهر جا روڊ، رستا توڙي بازارون ويراني جو ڏيک ڏئي رهيون آهن، شهرين پاران شڪايتن باوجود به مارڪيٽ ڪاميٽي انتظاميا وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن، واپارين ۽ ريڙهين وارن کان ڪو به پڇاڻو نه ٿا ڪن، نه ئي سندن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي ٿي وڃي، جنهن ڪري هتان جا منافا خور دڪاندار ۽ واپاري شهرين کي ننڌڻڪو سمجهي رهيا آهن، رمضان ڪريم جهڙي ڀلاري مهيني ۾ به باڊهه جا رهواسي دڪاندارن ۽ منافعي خور واپارين هٿان ڦرجي رهيا آهن، معلوم ٿيو آهي ته مارڪيٽ ڪاميٽي وارا مختلف دڪاندارن کان ذاتي فائدا حاصل ڪري کين ڇوٽ ڇڏي ڏنو آهي، جڏهن ته مختيارڪار ڏوڪري توڙي ڊي سي لاڙڪاڻو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان باڊهه شهر جو وزٽ نه ڪري سگهيا آهن، اڳ سيوهڻ شريف سنڌ جو مهانگو شهر سڏيو ويندو هو پر اڄڪلهه باڊهه شهر سنڌ جو مهانگو ترين شهر سڏيو وڃي ٿو، ٻئي طرف هتان جي رهواسين سياسي، توڙي سماجي ماڻهن باڊهه ۾ پيدا ڪيل هٿرادو مهانگائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وس وارن کان مهانگائي خلاف قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ان ڏس ۾ ميديا سان ويچار ونڍيندي جسقت جي چيئرمين محمد علي خشڪ چيو ته مارڪيٽ ڪاميٽي ۽ ضلعي انتظاميا جي نااهلي سبب باڊهه شهر مهانگائي جي ور چڙهي ويو آهي، هتي هر شي جو اگهه ضلعي جي ٻين شهر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وصول ڪيو ٿو وڃي، اهڙي ڪڌي عمل ۾ مارڪيٽ ڪاميٽي وارا پڻ ملوث آهن، جيڪي منافا خورن کان رشوت وصول ڪري اکيون بند ڪيون ويٺا آهن، سماجي ايم هاشم چانڊيو چيو ته نه رڳو عام دڪاندار ۽ واپاري وڌيڪ اگهه وصول ٿا ڪن پر هتي موجود يوٽلٽي اسٽورن وارا پڻ نقلي ۽ غير معياري سامان وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ سرڪاري لسٽن باوجود اٻوجهه ۽ غريب ماڻهن کان وڌيڪ اگهه وصول ڪري رهيا آهن، اسان جي ضلعي انتظاميا خبر ناهي ته ڪهڙي ڌندي سان لڳل آهي، هوڏانهن غلام حسين سولنگي چيو ته باڊهه ۾ انڌيرننگري ۽ چرٻٽ راجا وارو دور هلي رهيو آهي، هتي ڪير ڪنهن کان پڇڻ وارو ڪونهي هر واپاري ۽ دڪاندار مال ميڙڻ لاءِ غريبن جا لاهه ڪڍڻ ۾ مصروف آهن، حيرت جي ڳالهه آهي ته هتان جا دڪاندار ۽ واپاري صبح جو هڪڙو اگهه ته شام جو وري ٻيو اگهه مقرر ڪيون عوام جي نڙي تي نهن ڏيون بيٺا آهن،رفيق ميراڻي چيو ته باڊهه شهر ۾ 90 سيڪڙو آبادي پورهيت ۽ هاري طبقي تي مشتمل آهي، جنهن ڪري هتي روزگار جا ذريعا پڻ گهٽ آهن، مٿان وري هٿرادو مهانگائي ماڻهن جون مشڪلاتون وڌائي ڇڏيون آهن، هتان جا دڪاندار ۽ واپاري کاڌي پيتي جي شين سميت هر شي جا من پسند اگهه مقرر ڪري غريب ماڻهن کان جيئڻ جو حق به کسي رهيا آهن، هنن چيو ته هڪ پورهيت سڄو ڏينهن پورهيو ڪري 200 رپيا مشڪل سان حاصل ڪري ٿو پر هو مهانگائي سبب 2 ويلا پيٽ ڀري ماني به نه ٿو کائي سگهي، جڏهن ته ڀلاري مهيني ۾ مهانگائي سبب روزيدار فروٽ، شربت، گوشت ۽ مڇي کائڻ بجاءِ پڪوڙن ۽ دال ۽ پٽاٽن تي گذارو ڪري رهيا آهن، هنن گڏيل طور ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته خدارا باڊهه واسين تي رحم کائي باڊهه واسين کي مهانگائي جي عذاب کان نجات ڏياري وڃي ۽ هن ڀلاري مهيني سميت وڌيڪ اگهه وٺندڙ واپارين، دڪاندارن ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button