مختصر خبرون

نوشهرو فيروز جي سومرا محلا جا رهواسي بنيادي سهولتن کان محروم

معشوق علي سومرو،نوشهروفيروز
نوشهرو فيروز جي سومرا محلا جا رهواسي بنيادي سهولتن کان محروم، هميشه اسان جي محلي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويندو آهي، نه اسٽريٽ لائيٽ آهي نه ئي صفائي جو ڪو خاص انتظام آهي، گندگيءَ جا ڍير وڌي وڃڻ ڪري ڪيترائي ٻارڙا بيماري جو شڪار ٿي ويا آهن. ڊرينيج سسٽم بلڪل تباهه ٿي چڪو آهي، سياسي اڳواڻن سومرا محلا کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي. جتوئي برادريءِ مان ته ڪي اميدون نه آهن پر پ پ پ وارن به سومرا محلا جي رهواسين جي ڪا سار سنڀال نه لڌي آهي، سومرا محلا جي رهواسين جون صحافين سان ڳالهيون. خبر موجب نوشهرو فيروز جي سومرا محلا جي رهواسين انڊس نيوز پاران منعقد ٿيل سروي ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان جا سياسي ڪامورا ووٽ وٺڻ لاءِ ته اچن ٿا پر هتان جا بنيادي مسئلا انهن کي نظر نه اچي رهيا آهن. هن وقت سومرا محلا جو ڊرينيج سسٽم بلڪل ناڪارا ٿي چڪو آهي، پوري شهر جو پاڻي هن طرف اچڻ سبب هاڻي پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي رهيو آهيو، روڊ رستا 10 سال پهريان جيڪي ٺاهيا ويا هئا ان کان بعد ان جي مرمت به نه ڪئي وئي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سومرا محلا کي بلڪل نڌڻڪو ڪري ڇڏيو ويو آهي محلي جا روڊ رستا کنڊرات بڻيل آهن بيروزگاري وڌي وڃڻ جي ڪري نوجوان خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن هنن وڌيڪ چيو ته هتي ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وئي آهي ۽ ڪجھ ذاتي ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن کي پئسن ۽ سفارش جي عيوض نوڪريون ڏنيون ويون جنهن سان نه صرف سنڌ جي امن امان جي صورتحال تباھ ٿي رهي آهي پر محنت ڪندڙ نوجوان جو حق ماريو ويو آهي جنهن جي ڪري ميرٽ جي سڌي سئين لتاڙ آهي. هنن سائين اخبار سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته اگر ائين ئي سومرا محلا جي رهواسين کي وساريو ويندو ته آئيندي لاءِ ووٽ وٺڻ لاءِ ڪو به اچڻ جي همت نه ڪري.
ينگ سومرا ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران لائبريري قائم ڪرڻ جو اعلان. تفصيل موجب. نوشهروفيروزي جي سماجي تنظيم ينگ سومرا ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر عاشق علي سومرو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي تنظيم گذريل 14 سالن کان نوشهروفيروز ۾ سماجي ڪم ڪري رهي آهي. هن وقت اسان جي نوجوانن کي هڪ لائبريري جي سخت ضرورت آهي. جنهن ڪري اسان اعلان ٿا ڪيون ته هتي هڪ لائبريري جو قائم ڪئي ويندي جنهن ۾ نوجوانن جي ضرورت جا سڀ ڪتاب ۽ ٻيو مواد پڻ رکيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button