مختصر خبرون

نامياري ڪهاڻيڪار اديب، شاعر وفا صالح راڄپر دل جي ڪنھن سار نه لڌي

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
سنڌي ادبي سنگت شاخ وڏي وهڻي جو سيڪريٽري ۽ نئين ٽهيءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار اديب، شاعر وفا صالح راڄپر دل جي مرض، دماغي جي ڪمزوري ۽ معدي جي تڪليف ۾ ورتل، ثقافت کاتي وفا صالح راڄپر جي ڪا به سار نه لڌي، رابطي ڪرڻ تي وفا صالح راڄپر ٻڌايو ته مان غريب ۽ پورهيت ليکڪ آهيان مزدوري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندو هيس، پر بيماري سبب مون کان مزدوري نه ٿي سگهي مون پنهنجي علاج لاءِ ثقافت کاتي کي درخواست لکي هئي پر ان جو ڪو به تڌاري نه ٿيو آهي، ثقافت کاتو بيمار اديبن جي سار لهڻ بدران پنهجن ماڻهن کي نوازي رهيا آهن هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت مرڪز کي جس هجي جو هو بيماري ۽ غريب اديبن لاءِ ثقافت کاتي خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن احتجاجن جي باوجود به ثقافت کاتي جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري، هن چيو ته ثقافت کاتي جي لاپرواهي ۽ مالي مدد نه ڪرڻ جي ڪري ڪيترائي اديب موت جي منهن ۾ هليا ويا اهن هن چيو ته ڏينهنون ڏينهن منهنجي طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو آهي، منهنجي حالت انتهائي نازڪ آهي، هن چيو ته ثقافت کاتو پنهنجي ئي دوستن کي خوش ڪرڻ ۾ پورا آهن، هن مطالبو ڪيو ته مون غريب اديب، ليکڪ، شاعر جي سار لڌي وڃي ۽ سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي، ته جيئن مان پنهنجي زندگي جا ڪجهه ڏينهن پنهنجي گهر وارن ۽ دوستن سان گذاري سگهان.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button