مورو

مورو: سنڌ بچايو ڪميٽي جي مرڪزي سڏ تي مورو شهر ۾ به مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال

عبدالوحيد مستوئي، مورو
Moro strike (640x215)
مورو ۾ سنڌ بچايو ڪميٽي جي مرڪزي سڏ تي آپريشن متاثرين جي سنڌ ۾ آمد خلاف مورو شهر ۾ به مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي جڏهن مورو شهر جا اهم ڪاروباري مراڪز مين شاهي بازار، ريشم بازار، دادو روڊ، درس روڊ، ٻانڌي روڊ، گچيرو روڊ، مين روڊ، کيڙا بازار، درزي مارڪيٽ سميت مختلف ڪاروباري مرڪز بند رهيا جڏهن ته سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي مختلف قومپرست تنظيمن جنهن ۾ ايس يو پي، جيئي سنڌ تحريڪ، جسقم، جسقم آريسر، ايس اين ايم، سنڌي ادبي سنگت، سنت جي اڳواڻن اسلم ڪوريجو، اشرف لغاري، شاهنواز ڀٽي، جگديش ڪمار، امين ڪلهوڙو، اياز سولنگي، لالا شاهد پٺاڻ، ياسين ملاح،ديشي عبدالوحيد، عظيم سنڌي، ابرار ميمڻ، محمد علي سولنگي، پريم سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا مورو ميڊيا سينٽر اڳيان پهتي جتي اڳواڻن ڪارڪنن پاران سخت نعري بازي ڪئي وئي بعد ۾ ريلي شهر جو گشت ڪندي مورو باءِ پاس وٽ پهتا جتي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن سبب ٻنهي طرفن کان هلندڙ گاڏيون بيهي ويون سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي جڏهن ته ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو جيڪا سيد قائم علي شاھ دعوى پيو ڪري ته اسان پڪٽون قائم ڪري ڌارين جي آبادڪاري کي روڪي رهيا آهيون اهي سڀ دعوائون ڪوڙيون آهن هنن چيو ته ڌارين جي آبادڪاري وارو سلسلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ هلندڙ تحريڪ جاري رکي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button