مختصر خبرون

مورو: دادو پوليس ۽ خيرپور پوليس جو ڌاڙيلن سان مقابلو، محمد حسين پٺاڻ بازياب

عبدالوحيد مستوئي، مورو
مورو ويجهو قمرالدين ٿاڻي جي حد ۾ دادو پوليس ۽ خيرپور پوليس جو ڌاڙيلن سان مقابلو هڪ مهينو اڳ ڪوٽ لالو مان اغوا ٿيل محمد حسين پٺاڻ بازياب هڪ زخمي حالت ۾ گرفتار ٻه ڪلاشنڪوف هٿ مقابلو جاري ڌاڙيلن کي پوليس جو گهيرو تنگ، مقابلي واري جاءِ تي ايس پي دادو طارق رضا ڌاريجو، ڊي ايس پي سي آءِ دادو يار محمد رند خيرپور پوليس جي ڊي ايس پي اسلم لغاري ۽ امداد ٽالپر صحافين کي ٻڌايو ته اسان کي خفيه اطلاع ملڻ تي ٻنهي ضلعن جي وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري مذڪوره هنڌ تي پهتاسين جتي ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ هڪ مهينو اڳ ڪوٽ لالو مان اغوا ٿيل مغوي محمد حسين پٺاڻ کي بازياب ڪرايو آهي جنهن کي ڌاڙيلن پيرن ۾ زنجير هڻي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو هو جنهن کي بازياب ڪرايو ويو آهي 7 پڻ هڪ زخمي حالت ڌاڙيل گرفتار ڪيو آهي جنهن وٽان ٻه ڪلاشنڪوف هٿ ڪيون ويون آهن ۽ وڌيڪ علائقي جي سرچ ڪري رهيا آهيون پوليس آفيسرن وڌيڪ ٻڌايو ته هي هڪ وڏو گروھ آهي جن وٽ اڃا به ڪجھ اغوا ٿيل مغوي سندن قبضي ۾ آهن انشاءَ الله انهن کي جلد بازياب ڪرائيندسين ۽ زخمي ڌاڙيل جو هن وقت نالو راز ۾ رکيو ويو ۽ مقابلي لاءِ علائقي جي پوليس جي وڏي نفري پڻ طلب ڪئي وئي آهي ڇاڪاڻ ته جيستائين رهيل ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري کين ڪيفر ڪردار تائين نه پهچائينداسين تيستائين آپريشن جاري رهندو هوڏانهن ڪل جي فصل مان پوليس پاران بازياب ٿيل ڪوٽ لالو واسي محمد حسين پٺاڻ ٻڌايو ته اٽڪل هڪ مهينو اڳ ۾ مان ڪوٽ لالو مان واپس پننجي ڳوٺ وڃي رهيو هيس ته ٽن نا معلوم ماڻهن منهنجي موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻڻ بعد مونکي هٿيارن جي زور تي مونکي اغوا ڪري کڻي آيا ۽ ڪل جي ٻوڙن ۾ زنجير هڻي ٻڌي ڇڏيو ۽ رات ڏينهن ٻڌل هئس ۽ مون تي تشدد پڻ ڪندا هئا، ڌاڙيلن پاران 2 ڪروڙ روپيا ڀنگ گهر ڪري رهيا هئا ۽ هنن هڪ ٻه دفعا منهنجي مائٽن سان به ڀنگ بابت ڳالهايو هو ۽ ڌاڙيلن جو ٽولو چئن پنجن ڄڻن تي مشتمل هئا جن مان هڪ گرفتار ڪيو ويو آهي باقي فرار ٿي ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button