مورو

مورو: دادو پل موجوده زبون حالت ۾، هنڌان هنڌان وڏا وڏا ڏار پئجي ويا

عبدالوحيد مستوئي، مورو
Dadu Moro Bridge
ايشيا جي پهرئين وڏي ۾ وڏي دادو/مورو پل موجوده وقت ۾ زبون حالت جو شڪار ٿي وئي آهي پل کي هنڌان هنڌان وڏا وڏا ڏار پئجي ويا آهن ۽ پل جي مٿان رستي جي وچ ۾ ڪجھ ڪجھ فاصلي تي لڳل لوهيون پٽيون مڪمل طور تي اکڙي ويون آهن ۽ پل جي سائيڊ ۾ ڏنل حفاظت واريون ڀتيون پڻ هنڌان هنڌان ٽٽي پيون آهن هن پل جي رکوالي ڪندڙ ٻه کاتا آهن هڪ کاتو ايريگيشن آهي ٻيو کاتو روڊ جي حصاب سان روڊس کاتو آهي ٻنهي کاتن کان علاوه سنڌ حڪومت جي طرفان به پل جي سار سنڀال حفاظت ترقي ۽ تعمير لاءِ هر مهيني لکين روپيا بجيٽ مخصوص ٿئي ٿي پر انهي بجيٽ مان هڪ روپيو به پل تي خرچ نه ٿو ڪيو وڃي پل جي اها بجيٽ ڪيڏانهن ۽ ڪنهن تي خرچ ٿي رهي آهي ان جي ڪا خبر نه پئجي سگهي آهي ۽ ٻنهي کاتن جي هن پل تي ڪا به نظر ثاني نه آهي جنهن جي ڪري اڄ اها تاريخي پل زبون حالي جو شڪار ٿي وئي آهي جيڪا ڪنهن به وقت وڏي نقصان جو باعث بڻجي سگهجي ٿي. هي پل نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو، سيوهڻ شريف ۽ مورو کي ملائي ٿي ۽ انهن ضلعن ۽ شهرن جا ماڻهو پل ذريعي ٿوري سفر ڪري اچ وڃ ۽ واپار ڪن ٿا پر هن ايشيا جي وڏي ۾ وڏي تاريخي پل تي ڪنهن به حڪومت جو توجھ نه آهي ۽ پل تي هڪ ويھ روپين وارو روشني جي لاءِ بلب به ناهي لڳل اسٽريٽ لائيٽون سالن کان ٽٽل ۽ تباھ ٿي ويل آهن ان کان علاوه دادو مورو پل تي هڪ تفريح گاھ پڻ آهي جڏهن برسات جي هلڪي هلڪي بونده باري ۽ جهڙالي ۽ خوشگوار موسم ٿئي ٿي ته وڏي تعداد ۾ مرد عورتون ۽ ٻار تفريح لاءِ هتي اچي لطف اندوز ٿين ٿا پر انهي تفريح لاءِ حڪومت ۽ ٻنهي کاتن طرفان ملندڙ بجيٽ پڻ هڙپ ڪئي وڃي ۽ تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهن کي مشڪلات جو مُنهن ڏسڻو پوي ٿو ۽ اها تفريح گاھ هن وقت مڪمل تباھ ٿيل آهي هي پل 1981 ۾ تعمير ٿي هئي جنهن کي 34 سال گذري ويا آهن انهن 34 سالن ۾ ڪڏهن به پل جي مرمت وغيره نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن توجھ ڏيڻ جي زحمت ڪئي آهي هتان جي سڃاڻ ماڻهن سياسي سماجي اڳواڻن اديبن شاعرن دانشورن محققن عبدالله جيسر، عظيم سنڌي، رضا لانگاھ، رزاق مستوئي، عزيز سولنگي، اشرف لغاري، شاهنواز ڀٽي، جگديش ڪمار، ياسين ملاح، امين ڪلهوڙو، اسلم عباسي، خالد ساحل، هدايت ڏيپر، علي اصغر مستوئي، نويد رضا، سهيل احمد، اياز ملاح، هيمون جيسر، غلام شبير، ڊاڪٽر امتياز ميمڻ، منير سيال، نذير احمد شاھ، عبدالوحيد ۽ ٻين وزير اعظم ميان محمد نواز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري کي پر زور اپيل ڪئي آهي ته تاريخي دادو مورو پل تي خصوصي توجھ ڏئي زبون حالي واري صورتحال جي ڪيفيت کي ختم ڪري هن پل کي نئين سر بهتر طريقي سان مرمت ڪرائي وڌيڪ تباھ ٿيڻ ۽ جاني مالي نقصان جي انديشي کان بچايو وڃي پل جي بجيٽ فٻائيندڙ ايريگيشن ۽ روڊس کاتي جي ڪامورن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button