تعليم ۽ نئين ٽھي

سکر: علامه اقبال اوپن يونيورسٽي پاران داخلائون پهرئين آگسٽ کان شروع ٿينديون

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
Allama-Iqbal-Open-University-Islamabad (640x316)
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد جي هڪ پڌرائي موجب يونيورسٽي پاران سال 2014ع لاءِ ميٽرڪ کان وٺي پي ايڇ ڊي ليول جون داخلائون پهرئين آگسٽ کان شروع ٿينديون. پراسپيڪٽس ۽ داخلا فارم اسلام آباد ڪيمپس کان علاوه ريجنل ڪيمپس مان حاصل ڪري سگهجن ٿا. داخلا فارم فيس سان گڏ بينڪ الفلاح، حبيب بينڪ، فرسٽ وومين بينڪ، الائيٽ بينڪ، ايم سي بي ۽ نيشنل بينڪ جي نامزد شآخن ۾ جمع ڪرائي سگهجن ٿا. داخلا فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 5 سيپٽمبر 2014ع آهي، وڌيڪ معلومات لاءِ ايڊميشن ڊپارٽمينٽ جي فون نمبر 9057151-051 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button