سکر

سکر: رپورٽر فيض الله خان کي افغان حڪومت پاران ڏنل سزا خلاف مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

سکر: رپورٽر فيض الله خان کي افغان حڪومت پاران ڏنل سزا خلاف مظاھرو
سکر: رپورٽر فيض الله خان کي افغان حڪومت پاران ڏنل سزا خلاف مظاھرو

پاڪستان فيڊ رل يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي سکر يونين آف جرنلسٽ طرفان اي آر واءِ جي رپورٽر فيض الله خان کي افغان حڪومت پاران ڏنل چئن سالن جي سزا خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري افغان حڪومت خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي سکر يونين آف جرنلسٽ جي صدر جان محمد مهر، فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سکر پريس ڪلب جي صدر لالا اسد پٺاڻ ۽ ٻين صحافين نادر خان، جلال الدين ڀيو، چوڌري ارشاد، اعجاز ڇڄڻ، تاج رند، امداد بوزدار، صلاح الدين قريشي، راجا شاهد ۽ ٻين صحافي کي گرفتار ڪرڻ واري عمل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته افغان حڪومت صحافي فيض الله خان جي آزادي جو فوري طور تي اعلان ڪري ٻي صورت ۾ پي ايف يو جي طرفان احتجاجي تحريڪ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button