سکر

سينٽرل جيل سکر وَن تي امڪاني حملي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مشق ڪئي وئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
Sukkur Centeral Jail
سينٽرل جيل سکر وَن تي امڪاني حملي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مختلف سيڪيورٽي ۽ سول ادارن پاران علامتي حملي کانپوءِ آپريشن جي مشق ڪئي وئي، جنهن دوران ڪامياب آپريشن ڪندي علامتي دهشتگردن تي ڪنٽرول ڪيو ويو. سينٽرل جيل سکر وَن ۾ علامتي حملي بعد مشقن ۾ پاڪ فوج، رينجرز، ڊسٽرڪٽ پوليس، جيل پوليس، ضلعي انتظاميه، صحت کاتي، ايمبولينس سروسز، فائربرگيڊ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن وڏي انگ ۾ حصو ورتو. مشقن جي نگراني ڊي آءِ جي جيلز سکر عبدالمجيد صديقي ۽ سپريٽنڊنٽ اعجاز حيدر ڪئي، جڏهن ته ٻين ادارن جا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا، مشقن دوران علامتي دهشتگردن پاران سکر سينٽرل جيل تي ٽن هنڌن تان علامتي حملو ڪيو ويو، جنهن تي ضابطي لاءِ اُتي موجود فورسز فوري ڪارروائي ڪئي ۽ پاڪ آرمي سميت مختلف ادارن کي طلب ڪري ورتو ۽ سڀني ادارن جي اهلڪارن ۽ آفيسرن گڏيل آپريشن ڪندي علامتي دهشتگردن تي ڪنٽرول ڪري ورتو. ان موقعي تي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي ڪارڪردگي سميت مختلف لاڳاپيل ادارن توڙي سڪيورٽي اهلڪارن جي، فائربرگيڊ ۽ ايمبولينسز جي Rapid Response ۾ اچڻ ۽ سندن پهچڻ جي وقت کي چڪاسيو ويو. اهڙي ريت علامتي دهشتگردن جي حملي کانپوءِ سيڪيورٽي ادارن ڪاميابي ماڻي ورتي، مشقن دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي جيلز سکر اي ايم صديقي ٻڌايو ته سکر سينٽرل جيل وَن انتهائي هاءِ رسڪ جيلن مان هڪ آهي جنهن کي سامهون رکندي دهشتگردن جي ڪنهن به امڪاني حملي يا ڪارروائي کي منهن ڏيڻ ۽ سڪيورٽي اهلڪارن جي ڪارڪردگي کي چڪاسڻ لاءِ علامتي حملي جي مشق ڪئي وئي. هن مشقن ۾ حصو وٺندڙ جوانن جي ڦڙتي ۽ دليري کي ساراهيندي چيو ته هو گڏجي ڪنهن به امڪاني حملي کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا، تنهن هوندي به جيل پوليس جي اهلڪارن کي رينجرز پاران سکيا پڻ ڏني پئي وڃي. ڊي آءِ جي جيلز سکر وڌيڪ چيو ته جيل انتظاميه ۽ پوليس پاران مختلف سڪيورٽي ادارن جي سهڪار سان جيل جي 24 ڪلاڪ چوڪسي جاري آهي ۽ اهلڪار ڏينهن رات الرٽ آهن ۽ پيٽرولنگ کي پڻ وڌايو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button