سکر

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ جي قومپرست ۽ سياسي ڌرين پاران اڄ کان احتجاجي ڌرڻن جو سلسلو شروع ڪرڻ جو اعلان

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ جي قومپرست ۽ سياسي ڌرين پاران اڄ کان احتجاجي ڌرڻن جو سلسلو شروع ڪرڻ جو اعلان
سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ جي قومپرست ۽ سياسي ڌرين پاران اڄ کان احتجاجي ڌرڻن جو سلسلو شروع ڪرڻ جو اعلان

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ جي قومپرست ۽ سياسي ڌرين پاران 12 تنظيمن تي مشمتل سنڌ بچايو ڪميٽي اتحاد جوڙي اڄ کان احتجاجي ڌرڻن جو سلسلو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ بچايو ڪميٽي اتحاد جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه، مشتاق احمد ڦل، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، مير عالم خان مري، ڪرم خان مساڻ ۽ ٻين اڳواڻن ٻڌايو آهي ته اتر وزيرستان ۾ جاري ضرب عضب آپريشن جي متاثرن جو رجحان چئن صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ طرف گهڻو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪبو، هنن چيو ته سنڌ جي زمين ايتري خوشادي آهيو آهي جو هن وقت تائين ايندڙ سمورن ڌارين کي هتي آباد ڪري کين سڃاڻ ڏني آهي، پر اتر وزيرستان مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ متاثرن جي لاءِ سنڌ ۾ ڪابه جڳهه ناهي ڇو ته اتر وزيرستان جا ماڻهو دهشتگرد تنظيمن سان واسطو رکن ٿا، پوري سنڌ ۾ به افراتفري ڦهلائيندا، هنن چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت کي گهرجي ته يو اين او جي قانون مطابق متاثرن کي بنون، ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ ترسائي، اسان کي متاثرن سان همدردي آهي پر ايتري به ناهي جو هو اسان ۾ رهي بعد ۾ اسان کي نشاني تي آڻين، هن چيو ته آپريشن متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، پهريان به سوات آپريشن ۾ متاثر ٿيندڙ چار لک ماڻهو سنڌ ۾ آباد ٿيا هئا جيڪي هاڻي دهشتگرد طور سامهون اچي رهيا آهن ۽ ڪجهه ڏينهن اندر ڪراچي ۾ سوات واسي دهشتگردن کي پوليس ۽ رينجرز پڻ پڪڙيو آهي، هن چيو ته وزيرستان آپريشن جو فيصلو به وفاق جو آهي ته انهن کي رهائڻ سميت ٻيون سهولتون به اسلام آباد ۾ ڏنيون وڃن، هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ بچايو ڪميٽي اتحاد پاران 9 جولاءِ کان 15 جولاءِ تائين احتجاجي ڌرڻن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي پهرين مرحلي ۾ اوٻاوڙو، گهوٽڪي، ڪشمور، راڻيپور، ٻٻرلوءِ باءِ پاس، دادو ۽ نصير آباد وارن علائقن ۾ انڊس هاءِ ويز ۽ نيشنل هاءِ ويز تي احتجاجي ڌرڻا هنيا ويندا، هن چيو ته 73ع جو آئين ڪنهن آسماني ڪتاب مان نه ورتو ويو هو پر اهو هڪ انسان انسانن لاءِ ٺاهيو هو، انساني حقن لاءِ ٻاهر نڪتا آهيون ۽ ڌارين جي آبادڪاري ۾ مڪمل طور بندش آڻڻ تائين خاموش نه رهنداسين، ان موقعي تي حسين بخش ناريجو، غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو، ثناءُ الله مهر ۽ ٻيا قومپرست توڙي سياسي اڳواڻ پڻ وڏي انگ ۾ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button