ھنڱورجا

رسول آباد ۾ 4 عورتن سان اجتماعي ڏاڍائي ۽ گهر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،هنڱورجا

رسول آباد ۾ 4 عورتن سان اجتماعي ڏاڍائي ۽ گهر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان اجتماعي ڏاڍائي ۽ گهر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا

رسول آباد ۾ 4 عورتن سان اجتماعي ڏاڍائي ۽ گهر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا. ٽئين ڏهاڙي به ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڪاروبار نه کليو. شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال. هنڱورجا ۾ سگا جي سڏ تي قومي شاهراه تي ڌرڻو هڪ ڪلاڪ ٽريفڪ بند گاڏين جون قطارون لڳي ويون، اعلي اختيارين مان ڪنهن به واقعي جو نوٽيس نه ورتو، متاثر عورتن پاران انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ، پوليس انتظاميه جي ڪن تي جونءِ به نه چري تفصيلي رپورٽ موجب رسول آباد سانحي جنهن ۾ هٿياربندن پاران هوٽل مالڪ پريل عرف بابو ميمڻ جي گهر ۾ گهڙي 4 عورتن سان اجتماعي لڄالٽ ۽ گهر ۾ لڳل لکين روپين جي ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن واقعي جي خلاف شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ٽئين ڏهاڙي به رسول آباد شهر جو ڪاروبار کلي نه سگهيو شهر ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي مختلف سياسي سماجي ۽ دڪاندار ايسوسيئيشن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن جسقم جي ضلعي اڳواڻ علي عثمان ميمڻ، عاشق منگي، بابو ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد رهبر چوڪ تي نٽهڻ اس ۾ 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو.مظاهرين ملوث جوابدارن ۽ پوليس انتظاميه جي خلاف مسلسل نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي هنڱورجا ۾ سگا جي سڏ تي جسقم ، جسم، ايس يو پي، ايس ٽي پي، شهري اتحاد، سنڌ ميمڻ اتحاد جي ڪارڪنن ۽ شهرين جي وڏي انگ عبدالسميع ڀنڀرو، مور سنڌي، شبير تنيو، منظور حسين، فقير همت علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي قومي شاهراه تي پريس ڪلب جي سامهون ڌرڻو هڻي ٻنهي پاسن کان روڊ کي بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب هڪ ڪلاڪ تائين ٽريفڪ بند ٿي وئي ۽ گاڏين جو قطارون لڳي ويون. مظاهرين الزام لڳايو ت اجتماعي لڄالٽ جو شڪار عورتن کي انصاف نه ملڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو. ظالمن ، دهشتگردن معصوم نياڻين سان لڄالٽ ڪري انسانيت جا سڀئي ليکا لتاڙي درندگي جو مظاهرو ڪيو آهي اهڙن وحشي انسانن خلاف سخت ڪاروائي ڪري مظلوم نياڻين سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن متاثر عورتن شازيا ، آسيا، سپنا ۽ ڪائنات ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جيڪڏهن پوليس انتظاميه اسان جي مرضي مطابق ايف آءِ آر داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته اسان ايس ايس پي خيرپور جي آفيس آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙينديوسين اهڙي جيئڻ کان بهتر آهي ته اسان سڙي مري خاک ٿي وڃون. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کي معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button