باڊھ

باڊھ: واپڊا پاران هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي پاران مظاھرو

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

باڊھ: واپڊا پاران هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي پاران مظاھرو
باڊھ: واپڊا پاران هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي پاران مظاھرو

باڊهه ۾ واپڊا پاران هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي درگاهه چوڪ کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر جي دڪاندارن، درزين، سياسي، سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت واپڊا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙن زاهد گوپانگ، خالد ڏيرو، پپو بروهي، اڪبر ڍڪڻ، بابو اسماعيل گودڙائي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته باڊهه سان واپڊا وارن وڏيون زيادتيون ڪيون آهن هنن چوي ته هڪ طرف لوڊشيڊنگ جو ڪو به شيڊول ناهي ته ٻئي طرف هلندڙ بجلي مان به گرڊ انچارج ايوب لوهر اڌ اڌ ڪلاڪ بجلي بند ڪري ڇڏي ٿو، هنن چيو ته شهر سان مقامي واپڊا جي لائين مينن جو آزار آهي جيڪي رشوت عيوض شهر کي تباهه ڪري رهيا آهن هنن سيپڪو جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته باڊهه شهر جي لوڊشيڊنگ گهٽائي وڃي ۽ واپڊا جي ڪرپٽ عملي کي هٽائي شهرين مان پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي شهري ايڪشن ڪميٽي پاران اهو به اعلان ڪيو ويو ته هي احتجاجي اسان جو جاري رهندي، جڏهن ته 25 جولاءِ تي شهري واپڊا خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button