باڊھ

باڊهه: ڪچي جي ڳوٺ گبول ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ

عبدالمجيد جهتيال باڊهه

باڊهه: ڪچي جي ڳوٺ گبول ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ
باڊهه: ڪچي جي ڳوٺ گبول ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ

باڊهه ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ گبول ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ، 3 عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي، هڪ عورت جي مبينا تذليل ڪئي وئي، سخت تشدد ڪري 3 ڪلاڪن تائين يرغمال بڻايو ويو، ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج، جوابدارن جي ڌر هئڻ جا الزام، رپورٽ موجب، موهن جو دڙو ڀرسان فتح پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ گبول ۾ 45 ايڪڙ زمين جي مالڪي تان مير گبول ۽ مظهر گبول وارين ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، جنهن ڪري علائقي ۾ خوف ۽ حراس واري صورتحال ڇانيل آهي، ان سبب فائرنگ دوران گوليون لڳڻ ڪري مسمات بختاور، ملوڪا ۽ نوجوان علي گوهر گبول زخمي ٿي پيا آهن، هوڏانهن جهيڙو ٽارڻ لاءِ هڪ ڌر ڏانهن پاڪ ڪتاب کڻي ويل عورت مسمات شاهل گبول کي جوابدارن 3 ڪلاڪن تائين يرغمال بڻايو، تذليل ڪئي ۽ سخت تشدد ڪرڻ بعد بيهوشي واري حالت ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا، ان ڏس ۾ شاهل گبول ميڊيا اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته ڌرين جي جهيڙي سان اسان جو ڪو به تعلق نه آهي، آئون جهيڙو ٽارڻ لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي هڪ ڌر ڏانهن ويس ته جوابدارن علي حسن، احمدعلي خالد، مختيار ۽ ٻين مون کي يرغمال بڻائي تشدد ڪيو ۽ تذليل ڪئي، جنهن سبب هوءَ بيهوش ٿي وئي، بعد ۾ کيس ٻاهر اڇلايو ويو، هن چيو ته ظلم اسان سان ٿيو ۽ الٽو پوليس جوابدارن جي چوڻ تي منهنجي پٽ جانڻ گبول کي گرفتار ڪري وئي، زخمي عورت شاهل جي مڙس داناءُ گبول جو چوڻ هو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، هن چيو ته سندس گهر واري جي تذليل ڪرڻ بعد هو فتح پور ٿاڻي تي پهتا پر پوليس فرياد ٻڌڻ جي بجاءَ ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو ۽ عورت جو علاج ڪرائڻ لاءِ ڪو به ليٽر جاري نه ڪيو، جنهن جي ڪري سندس گهر واري جي حالت نازڪ آهي، هوڏانهن ڳوٺاڻن گلزار، محبوب، روشن، فتح علي گبول ۽ ٻين فتح پور پوليس جي خلاف احتجاج ڪندي گهر ڪئي آهي ته ساڻن زيادتي ڪندڙ جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، هنن چيو ته پوليس جوابدار ڌر سان ڳري رشوت ورتي آهي، هنن چيو ته زخمي به سندن ماڻهو ٿيا آهن ۽ پوليس الٽو سندن خلاف ڪيس داخل ڪري رهي آهي، جوابدارن کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته هو بااثر آهن، هنن چيو ته زمين اسان جي آهي، زمين به اسان جي ذاتي آهي ۽ زيادتيون به اسان خلاف ڪيون پيون وڃن جيڪو سراسر ظلم آهي، هنن پوليس اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button