باڊھ

باڊهه: ٽيڪسي اسٽينڊ نه هجڻ ڪري شھر ۾ دڪانن، ھوٽلن ۽ سرڪاري عمارتن آڏو ٽيڪسيون بيھارڻ لڳا

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

باڊهه: ٽيڪسي اسٽينڊ نه هجڻ ڪري شھر ۾ دڪانن، ھوٽلن ۽ سرڪاري عمارتن آڏو ٽيڪسيون بيھارڻ لڳا
باڊهه: ٽيڪسي اسٽينڊ نه هجڻ ڪري شھر ۾ دڪانن، ھوٽلن ۽ سرڪاري عمارتن آڏو ٽيڪسيون بيھارڻ لڳا

لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏيڍ لک آبادي واري شهر باڊهه ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ نه هجڻ ڪري ٽيڪسي ڊرائيور پنهنجيون گاڏيون بازارن ۾ دڪانن، هوٽلن ۽ سرڪاري عمارتن آڏو بيهارين ٿا. شهر ۾ موجود 100 کان وڌيڪ ٽيڪسيون بازارن ۾ بيهارڻ سبب هتان جي ڪاروباري ماڻهن کي سخت پريشاني سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. جڏهن ته دڪاندارن ۽ هوٽلن وارن جا ٽيڪسين بيهارڻ تان ڊرائيورن سان جھيڙا ۽ منهن ماريون ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي، اڪثر ڊرائيور دڪانن ۽ هوٽلن جي درن تي ٽيڪسيون بيهاري ڪلاڪن جا ڪلاڪ گم ٿي وڃن ٿا، جنهن ڪري دڪاندارن ۽ هوٽلن جي مالڪن کي روزگار ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي. جڏهن ته مکيا بازارن، مين روڊن ۽ مختلف چوڪن تي بي ترتيب ٽيڪسيون بيهارڻ سبب ٽرئفڪ جام ٿيڻ پڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. اڪثر ڪري ٽريڪٽر ٽرياليون ۽ ڳريون گاڏيون گذرڻ وقت ڪيترائي ڪلاڪ ٽرئفڪ جام ٿي وڃڻ سبب عام ماڻهن خاص ڪري اسڪولي ٻارڙن ۽ پرديدار عورتن کي وڏي مصيبت سان گذرڻو پوي ٿو. جڏهن ته ڪاروبار پڻ متاثر ٿئي ٿو، هتان جي سڄاڻ ماڻهن، واپارين ۽ دڪاندارن پاران گذريل ڪيتري وقت کان ضلعي انتظاميه کي باڊهه ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ تعمير ڪرائڻ لاءِ درخواستون پئي ڪيو آهن پر هن وقت تائين ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو آهي. هوڏانهن هتان جا ٽيڪسي ڊرائيور بازارن ۾ گاڏيون ڌوئن ٿا ۽ موبل به روڊن ۽ رستن تي تبديل ڪن ٿا. پاڻي ۽ ڪارو موبل هارجڻ سبب ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل روڊن ۾ وک وک تي کڏا پئجي ويا آهن.ڪيترا ڊرائيور ته پنهنجيون ٽيڪسيون ٽائون ڪاميٽي ۽ مختلف بئنڪن توڙي مسجدن جي عمارتن اڳيان بيهاري ڇڏين ٿا. ٻئي طرف گذريل چونڊن دوران هتان جي رهواسين سان ووٽن لاءِ آيل اميدوارن باڊهه ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ ٺهرائي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هوپر هن وقت تائين ٽيڪسي اسٽينڊ ته نه ٺهيو آهي پر اليڪشن کان پوءِ هن وقت تائين ايم اين اي توڙي ايم پي اي لاپتا بڻيل آهن. هتان جي دڪاندارن ۽ واپارين ۽ ٻين سنڌ گلوب سان ويچار ونڊيندي چيو ته ٽيڪسي ڊرائيور صبح ساڻ ئي دڪانن آڏو گاڏيون بيهاري پاڻ گم ٿيو وڃن ٿا جنهن ڪري اسان جا ڌنڌا ۽ ڪاروبار متاثر ٿين ٿا. دڪانن آڏو گاڏيون ڌوئڻ ۽ موبل مٽائڻ ڪري دڪانن اڳيان گپ ۽ گندگي ٿئي ٿي جنهن سبب پيرسن ماڻهو ۽ عورتون ترڪي ڪري پون ٿا. هوڏانهن هتان جي ساڃاهه وندن ڊاڪٽر سڪندر ميراڻي، رفيق ميراڻي ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ ٽيڪسي بيهارڻ سبب هتان جو ڪاروبار متاثر ٿيڻ سان گڏ ٽرئفڪ جام ٿيڻ وقت ماڻهن کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت پريشاني ٿئي ٿي. هنن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته باڊهه شهر ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ تعمير ڪرائي هتان جي رهواسين کي پريشاني کان نجات ڏياري وڃي، ٻئي طرف باڊهه: باڊهه ۾ ٽئڪسي اسٽينڊ ٺهرائي نه ڏيڻ خلاف ٽئيڪسي ڊرائيورن شهر جي مين روڊ تي ٽائون هال وٽ ٽيڪسيون بيهاري ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ ڊرائيورن جڙيل چانڊيو، احمد علي بروهي، ذوالفقار ڪانڌڙو ۽ سعيد پٺاڻ جو چوڻ هو ته ڪيتري ئي عرصي کان اسان کي ٽيڪسي اسٽينڊ ناهي ٺهرائي ڏنو ويو، جنهن ڪري اسان مجبور ٿي شهر جي مين روڊن تي توڙي بازارن ۾ دڪانن جي اڳيان پنهنجون گاڏيون بيهاري رهيا آهيون جنهن ڪري ڪيترائي دفعا شهرين توڙي دڪاندارن سان سان جي منهن ماري به پڻ ٿيندي رهي آهي هنن ان موقعي تي واسطيدار اختيارين کان ان ڏس ۾ مامري جو نوٽيس وٺي کين ٽيڪسي اسٽينڊ ٺهرائي ڏنو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button