باڊھ

اسين دولهه دريا خان۽ مخدوم بلاول وطن جي حفاظت ڪنداسين، جيئي سنڌ قومي تحريڪ

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
Badah; Jeay Sindh Qoami Tahreek Muzharo Pic badah 13-07-2014 (640x307)
باڊهه ۾ جيئي سنڌ قومي تحريڪ پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ آءِ ڊي پيز جي آمد خلاف پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته مظاهري دوران سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي جيئي سنڌ قومي تحريڪ جي چيئرمين محمد علي خشڪ مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي فلسطين ٿيڻ نه ڏينداسين، ڌاريا سنڌ جي وجود لاءِ خطرو بڻجي ويا آهن ۽ ڪو به حلالي پٽ ڌرتي کان غافل نه آهي، اسين دولهه دريا خان، مخدوم بلاول ۽ راجا ڏاهر جيان وطن جي حفاظت ڪنداسين، ان موقعي تي وحيد خشڪ، نويد ڪماريو، اختر ابڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button