صالح پٽ

سکر ۾ بابا بنکنڊي جو ساليانو ميلو 13 جون کان 15 جون تائين ٽن ڏينهن لاءِ لڳندو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، صالح پٽ
Sadhuسکر ۾ بابا بنکنڊي جو ساليانو ميلو 13 جون کان 15 جون تائين ٽن ڏينهن لاءِ لڳندو هندو برادريءَ مذهبي رسمن جي ادائگي لاءَ پوري ملڪ کان شرڪت ڪندي بابا بنکنڊي جو 151 ورسي جو ميلو وڏي ڌام ڌوم سان ملهائڻ سان گڏ گرو گرنٿ صاحب جو اکنڊ پاٺ صاحب 13 جون تي آرنڀ ڪبو جنهن جو ڀوڳ صاحب 13 جون تي پوندو ميلي ۾ مذهبي ڪتاب ڀڳوت گيتا جو گيان گيتا سميلن پڻ ٿيندو مذهبي چٽاڀيٽي ۽ تقريري مقابلا پڻ هر سال جيان ٿيندا ۽ سوڀ ماڻيندڙن کي انعام پڻ ڏنا ويندا ميلي جي سار سنڀال هندو پئنچائت آر پي سي سکر هنومان منڊل سکر ۽ روهڙي ،پير جو ڳوٺ ،شڪار پور خير پور سميت مختلف ضلعن مان شيوا منڊلن طرفان مفت مشروبات ۽ ننگر جو پروگرام ڪيو ويو آهي جڏهن ته درٻار صاحب طرفان ٽئي ڏنهن کاڌي خوراڪ ڀنڊارو صاحب جو بندو بست پڻ ڪيو ويو آهي هن ميلي ۾ ياتري مرد توڙي عورتون وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪن ٿيو انتظاميه طرفان سختي سان هدايتون ڏنيون آهن ته سڃاڻپ ڪارڊ هند بسترو پاڻ سان گڏ آڻڻ سميت ڪنهن به نشيدار شي، آتشي اسحلو آڻڻ جي سخت منع آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button