ڄامشوروفن ۽ فنڪار

سرمد سنڌي سنڌ جي نوجوان نسل ۾ شعور پيدا ڪيو، ورسي ۾ خطاب

رپورٽ امام علي ڀلائي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،ڄامشورو
سرمد سنڌي سنڌ جو ڀلوڙ راڳي هو، جنهن پنهنجي آواز وسيلي سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ درد وند دلين جي ترجماني پڻ ڪئي، سندس آواز کيس امر بڻائي ڇڏيو، اڄ به جهرجهنگ ۾ سندس آواز گونجي رهيو آهي، Sarmad Sindhi Warsi (640x329)اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل پريس ڪلب ڄامشورو ۾ ڪوٺايل ورسي تقريب کي مقررن خطاب ڪندي ڪيو، سرمد سنڌي جي ورسي جي سلسلي ۾ نيشنل پريس ڪلب ڄامشورو ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ حاڪم چانڊيي، عاجز رحمت الله لاشاري، روشن برهماڻي، اعجاز کوسي، فيروز علي هنڱوري، راجيش ڪمار، علي مراد چانڊيي، ڄام خان کوسي، عامر ساريي، راشد نوحاڻي، سميع الله سومري، دانش منظور، هاشم ڏاهاڻي، راجا رياض ۽ ٻين شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي مقررن وڌيڪ چيو ته سرمد سنڌي گهڻ رخي شخصيت هو، جنهن پنهنجي فن ۽ ڏاهپ ذريعي سنڌ جي نوجوان نسل ۾ شعور پيدا ڪيو، سندس حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ وارا ڪلام اڄ به وڏي جوش ۽ جذبي سان ٻڌا وڃن ٿا، مقررن چيو ته سرمد سنڌي سنڌ جو هڪ اثاثو هو، جنهن جي سنڌ ۽ سنڌي نوجوانن لاءِ ڪيل خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button