ڄامشورو

سياسي انتقامي ڪارروايون بندڪيون وڃن، ايس يو پي

امام علي ڀلائي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
SUP office bearers (640x350)ڄامشورو پوليس بنگلن جي ونگار وهڻ بند ڪري، سياسي انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، ايس يو پي جي مرڪزي پريس سيڪريٽري روشن ٻرڙو، مرڪزي اڳواڻ سيد عرفان شاھ، ضلعي صدر غلام شبير ٻرڙو، يار محمد ميمڻ، خدابخش ٿيٻو ۽ ٻين جي ايم سيد ايڊيفيس تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪيتري ئي عرصي کان سڄي سنڌ ۾ سياسي انتقامي ڪاروايون ڪيون پيون وڃن، خاص طور تي ضلعي ڄامشورو ۾ ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ضلعي انتظاميا جو حڪم مڃڻ بدران بنگلن تان مليل هدايتن تي عمل ڪري رهيا آهن، ڄامشورو ضلعي ۾ سياسي انتقام وٺڻ لاءِ ‎ ڳوٺ مير محمد کوسو ۾ پوليس بنا جواز چڙهائي ڪري ڳوٺ جي معزز شغصيت رئيس الله داد کوسو سميت 16 ڄڻن کي گرفتار ڪري انهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سن جي ڳوٺ الله بچايو کوسو تي پوليس ۽ وائيلڊ لائيف کاتي جي اهلڪارن چادر ۽ چئوديواري جو تقدس پئمال ڪري گھرن ۾ گھڙي عورتن مٿان تشدد ڪري ڳوٺ جي معززن سردار امتياز کوسو، جمعو خان کوسو ۽ شريف کوسو سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، لاکا پئٽرول پمپ تي لڳل ڌاڙي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ويل پئٽرول پمپ مالڪ کي پوليس سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندي کيس گرفتار ڪري مٿس ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي، ڳوٺ عمر روڌناڻي ۾ پوليس جي وڏن اٽالن ڊي ايس پي خاور حيات جي سربراهي ۾ ڳوٺ مٿان حملو ڪري ڳوٺاڻن کي حراسان ڪرڻ بعد محمد ايوب روڌناڻي کي پڪڙي بيدردي سان شهيد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو هن وقت تائين ڪو به داد فرياد نه ٿيو آهي، ايس يو پي تعلقي سيوهڻ جي سينيئر نائب صدر حافظ بخشل سيهڙو تي سياسي انتقام سبب بجلي چوري، مينهن چوري سميت 6 مختلف ڪيسن ۾ ايف آئي آر داخل ڪري کين سياسي وفاداريون مٽائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، ٿاڻي بولا خان پوليس ۽ وائيلڊ لائيف عملي گڏيل چڙهائي ڪري ڳوٺ آزاد گبول مان ايس يو پي اڳواڻن علي حسن گبول ۽ سندس ڀائرن کي کنڀي ملڪ اسد سڪندر جي بنگلي تي رکڻ کان پوءِ ان مٿان ڪوڙي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس جي اهڙي انتقامي ڪارواين جو اعلى اختيارين آئي جي ڊي آئي سميت ٻين وس وارن کي روبرو ۽ لکت ۾ شڪايتون ڪيون ويون، جنهن تي انڪوائريون پڻ مقرر ڪيون ويون جنهن ۾ اسان جا دوست بيگناھ پڻ ثابت ٿيا آهن پر تنهن باوجود به ڄامشورو ضلعي ۾ پوليس هٿان جي ڪوڙي مينڊيٽ تي چونڊيل نمائيندن جي وينگار وهندي علائقي واسين ۽ ايس يو پي جي ڪارڪنن ۽ ووٽرن تي سياسي انتقام لاءِ انهن کي بلا جواز ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪري سياسي وفاداريون مٽائڻ لاءِ دٻاءُ وجھي رهي آهي، هنن چيو ته ايس يو پي کي ضلعي ڄامشوري مان 70 هزار ووٽ مليا آهن، ايس يو پي ڄامشوري جي عوام جي حقيقي مينڊيٽ رکندڙ پارٽي آهي، جنهن ڪري هتان جا وڏيرا انتقامي ڪاروايون ڪرائي رهيا آهن، هنن چيو ته ايس يو پي جي سڏ تي ضلعي جي سڀني شهرن ۾ ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪڍي ايس يو پي جي مينڊيٽ کي تسليم ڪندي وڏيرن خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو آهي، هنن چيو ته ضلعي ۾ پوليس ڏوهارين جي سرپرستي ڪري پئي ۽ ضلعي ۾ مڪمل طور بدامني ڇانيل آهي، جنهن خلاف به ايس يو پي مرحليوار تحريڪ هلائي پئي، هنن چيو ته اهو اسان جو پهريون عمل هيو جيڪڏهن ڄامشورو پوليس خلاف قدم نه کنيو ويو ته 13 آڪٽومبر تي حيدرآباد پريس ڪلب آڏو سخت احتجاج ڪيو ويندو، ۽ عيد کان پوءِ ضلعي ڄامشوري ۾ مڪمل طور هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو، هنن سول جج ، انساني حقن جي تنظيمن، وفاقي گھرو وزير، چيف سيڪريٽري سنڌ، آئي جي سنڌ سميت وس وارن کان اپيل ڪئي ته ڄامشورو پوليس خلاف جوڳا قدم کڻي ڄامشورو واسين کي سول نافرماني ڪرڻ تي مجبور ٿيڻ کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button