ٽنڊو محمد خان

سفارشي ڪلچر جي ڪا به اهميت ناهي، سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪندڙ سنڌي نياڻي سھائي عزيز ٽالپر جو آجياڻي کي خطاب

فھيم ڀٽي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ٽنڊو محمد خان
سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري پهرين سنڌي نياڻي اي ايس پي بڻجندڙ سهائي عزيز ٽالپر چيو آهي ته سنڌ جي مسڪين ۽ غريب ماڻهن جا درد سيني ۾ سانڍي مقابلي واري امتحان ۾ ويٺي هيس ۽ انهن ئي جذبن ۽ ملڪ جي غريب عوام جي خدمت جي جذبي ئي مون کي اهڙي امتحان ۾ ڪاميابي لاءِ اتساهه ڏنو

سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪندڙ سنڌي نياڻي سھائي عزيز ٽالپر جو آجياڻي کي خطاب ڪندي
سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪندڙ سنڌي نياڻي سھائي عزيز ٽالپر جو آجياڻي کي خطاب ڪندي
۽ اڄ ثابت ٿيو آهي ته سفارشي ڪلچر جي ڪا به اهميت ناهي اهو عارضي آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌي ادبي سنگت پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو ، هن چيو ته منهنجي تربيت جيتوڻيڪ هيٺين وچيئين طبقي جي سياسي خاندان ۾ ٿي آهي پر آئون پنهنجي ذميوارين کان غافل ناهيان ۽ مون کي هارين مزدورن ۽ مظلومن سان ٿيندڙ ناانصافين جي چڱي ريت ڄاڻ آهي ۽ آئون پنهنجي ڪاميابي ان وقت سمجهينديس جنهن ڏينهن آئون پنهنجي مظلوم ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيندس ، هن چيو ته علم تمام وڏي دولت آهي پنهنجي ٻارڙن ۾ تعليم جي اهميت اجاڳر ڪرڻ والدين جي ذميواري آهي تقريب کي خطاب ڪندي سهائي عزيز جي پيءُ ۽ نامياري دانشور ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو ته منهنجي نياڻي جي تربيت مون پاڻ ڪئي آهي اسان ڪيئن وقت ڪڍيو اها مون کي ۽ سهائي کي خبر آهي ۽ اسان جو تعلق به ان طبقي سان آهي جيڪي صدين کان ظالمن جي ظلم جو شڪار ٿيندا پيا اچن ۽ منهنجي سهائي کي اها ئي نصحيت ۽ وصيت آهي ته پنهنجي طبقي جي ماڻهن کي جيڪڏهن انصاف نه ڏياري سگهي ته انهن ماڻهن جي ڪري حيدر بخش جتوئي وانگر واپس پنهنجي طبقي جي ماڻهن وٽ اچي وڃي ، هن چيو ته سهائي سنڌ جي نياڻي آهي ۽ هاڻي سنڌي ماڻهن کي پرتي ، تقريب کي ساس جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري مهرالنساء لاڙڪ، نسرين الطاف، ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري . پريس ڪلب جي صدر جميل ميمڻ ، اڳوڻي صدر رمضان شورو ، ساس جي سيڪريٽري اعظم ڀٽي ، ضلعي رابطه سيڪريٽري سارنگ شاهه ، ڊاڪٽر جي ايم گل ، ڊاڪٽر لطف ٽالپر ، ڊاڪٽر شڪيل قريشي، ڊاڪٽر ضمير قريشي ، مشڪور ڦلڪارو ، پرفيسر ايم ايم سٺيو ، جسقم اڳواڻ جاويد هاليپوٽو ، جساف اڳواڻ جواد حسين سومرو ، ڊاڪٽر خان مغل، جيئي سنڌ ناري تحريڪ اڳوڻ نسرين هڱورو، روبيڪا هنڱورو، شبانه چانڊيو، مها لاڙڪ ۽ ٻين خطاب ڪيو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button