باڊھ

باڊھ: ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪئي ويئي

عبدالمجيد جهتيال
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊھ
جيئي سنڌ محاذ باڊهه پاران 17 آڪٽوبر ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن امان الله وسطڙو، شهيد مالڪ خشڪ، شهيد امير علي شاهه، شهيد مٺو بليدي، شهيد انور عباسي، ذڪريا ميمڻ جي ياد ۾ ٽائون هال اڳيان ميڻ بتيون ٻاري خراج تحسين پيش ڪئي،

باڊھ: ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شھيدن کي جسم پاران ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.
باڊھ: ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شھيدن کي جسم پاران ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.
ان موقعي تي جسم اڳواڻن اسحاق مشوري، حسن ڪلهوڙو، آصف عباسي، رياض سنجراڻي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پرامن ڪارڪنن مٿان 1984ع تي ٽوڙهي ڦاٽڪ تي بيگناهه گوليون هلائي ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو، هنن چيو ته شهيد قربان کهاوڙ کان ويندي شهيد بشير خان قريشي تائين قومي ڪارڪنن ۽ قومي اڳواڻن قربانيون ڏئي پنهنجي ڌرتي مٿان قربان ٿيا آهن، هنن چيو ته اسين وچن ٿا ڪيون ته رهبر سنڌ ۽ قومي شهيدن جي پوئلڳي ڪندي پنهنجي ڌرتي تان قربان ٿينداسين ۽ آزاد سنڌو ديش جي جدوجهد جاري رکنداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button