سکر

سکر: مسيحي برادري جي سڏ تي امن ريلي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

 مسيحي برادري جي سڏ تي امن ريلي
مسيحي برادري جي سڏ تي امن ريلي
سکر ۾ مسيحي برادري جي سڏ تي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان سينٽ سيويئر اسڪول کان پريس ڪلب تائين امن ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ اسڪولي ٻارڙن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي شڪارپور جي اڳواڻ سردار واحد بخش خان ڀيو، پادري بشير، جي يو آءِ جي سعود افضل هاليجوي، ايڊوڪيٽ مڪيش ڪمار ڪارڙا ۽ ٻين چيو ته ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ سبب ماڻهو پاڻ کي عدم تحفظ جو شڪار سمجهي رهيا آهن پشاور ۾ چرچ تي ٿيل حملو مذمت جوڳو آهي، بازارن چرچن ۽ مختلف مذهبي عبادتگاهن مٿان حملا ڪري بيگناهه ماڻهن کي ماريو پيو وڃي حڪومت دهشتگرن خلاف ڪاروائي کي يقني بڻائي بيگناهه ماڻهن جي وهندڙ خون واري عمل کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ريلي دوران مختلف اڳواڻن ، ڪارڪنن ۽ ٻارڙن امن جو نشان کڻي اپيل ڪئي ته بيگناهه ماڻهن جو خون وهائڻ وارو عمل بند ڪيو وڃي ٻئي پاسي سينٽ سيويئر اسڪول اندر پارڪ جو افتتاح پڻ ڪيو ويو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button