زراعت

گرڪڻو واهه جي ٽن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ جي ڪري واهه جي پورجي وڃڻ خلاف مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
Nara Canalگرڪڻو واهه جي ٽن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ جي ڪري واهه جي پورجي وڃڻ ۽ پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سوين آبادگارن جو پنجين ڏهاڙي به سڳيون ڀرسان لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ، ڌرڻو ، ٽائرن کي باهيون، بک هڙتالي ڪئمپ تي آبادگارن جي وڏي انگ جي علامتي بک هڙتال ، آبپاشي ڪامورن ڪن تي جونءَ به نه چري ، آبادگارن پاران سپريم ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي
تفصيل موجب گرڪڻو واهه جي ٽن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ جي ڪري واهه جي پورجي وڃڻ ۽ پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي يوسي سڳيون جي پنجاهه ڳوٺن جي سوين آبادگارن جو پنجين ڏهاڙي حاجي علي نواز خشڪ ، حاجي شهداد خان ڀاڳت، دائم خان ڀاڳت، ڪامريڊ غلام شبير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ونگ چوڪ تي سڳيون هنڱورجا لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي مڇريل مظاهرين آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي بعد ۾ لنڪ روڊ ڀرسان قائم ڪيل بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي علامتي بک هڙتال ڪئي آبادگارن جي احتجاجي ڪئمپ تي ڪيترائي روزيدار آبادگار پڻ ويٺا رهيا آبادگار اڳواڻ الزام لڳايو ته ٽي سالن کان واهه جي کاٽي نه ڪئي وئي آهي جنهن ڪري واهه مڪمل طور تي مٽي سان ڀرجي ويو آهي ۽ پڇڙي ۾ پاڻي جو ڦڙو به نٿو پهچي جنهن ڪري آبادگارن جا پوکيل فصل سڙي سڪي تباهه ٿي رهيا آهن هنن چيو ته آبپاشي ڪامورن اسان جي احتجاج تي ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو هنن چتاءُ ڏنو ته مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو. هنن سپريم ڪورٽ کي معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button