باڊھ

گوپانگ برادري جي جھيڙي ۾ قتل ٿيل ٻڻ مٽي ماءُ حوالي

عبدالمجيد جهتيال، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊهه

قتل ۾ ملوث جوابدارن جا ڊاٺل گھر
قتل ۾ ملوث جوابدارن جا ڊاٺل گھر
ٻه ڏينهن اڳ باڊهه ويجھو ڳوٺ ٻاٻوري ۾ گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڌر جي قتل ٿيل ٻن ڄڻن هاشم گوپانگ ۽ شاهد گوپانگ کي ڪالهه سوين آلين اکين آڏو باڊهه جي درگاهه شريف قبرستان ۾ مٽيءِ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته هڪ ئي گھر مان ٻه جنازا کڄڻ وقت هر طرف روڄ راڙو پئجي ويو. هوڏانهن ٻن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڏوڪري تعلقي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪيترن ئي هنڌن تي ڇاپا هنيا پر ڪو به جوابدار هٿ نه اچڻ کان پوءِ پوليس گاهي خان گوپانگ، رمضان، وزير، حبدارگوپانگ سميت جوابدار ڌر جي 8 گھرن کي بلڊوزر ذريعي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ ڊاٿل گھرن ڀرسان پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي. هوڏانهن جوابدار هٿ نه اچڻ تي پوليس سندن عيوض ۾ ٻن ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ رکيو آهي، هوڏانهن ٻن ڄڻن جي قتل واري واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، جڏهن ته جوابدار ڌر جي زخمي ٿيل حبدار گوپانگ کي لاڙڪاڻي جي سول اسپتال ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او باڊهه مير محمد عباسي چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، هن چيو ته ايس ايس پي جي حڪم تي جوابدار ڌر جي ماڻهن جا گهر ڊاٿا ويا آهن، هن چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button