مختصر خبرون

نوجوان صحافي غلام نبي مڱريو ڪاري سائي سبب انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل

فهيم ڀٽي، انڊس نيوزڊاٽ نيٽ، ٽنڊو محمد خان
ٽنڊو محمد خان جو نوجوان صحافي غلام نبي مڱريو ڪاري سائي سبب انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل ، صوبائي حڪومت کي واهر ڪرڻ جي اپيل، خبر موجب ٽنڊو محمد خان جو نوجوان صحافي ۽ يونين آف جرنلسٽ ٽنڊو محمد خان جي آفيس سيڪريٽري غلام نبي مڱريو کي ڪاري سائي سبب انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي ، هوڏانهن ٽنڊو محمد خان جي صحافين جو اجلاس پريس ڪلب جي صدر جميل ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته نوجوان صحافي غلام نبي مڱريو جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي . اجلاس ۾ يونين آف جرنلسٽ جي صدر منير بروهي ، جنرل سيڪريٽري زبير پيرزادو، پريس ڪلب جي صدر جنرل سيڪريٽري حيدر شورو ، ذوالفقار چانڊيو ، رمضان شورو، محمد عمر بليدي، فهيم ڀٽي، ساحل اياز، مانسنگهه ٺاڪر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button