خيرپور

سنڌ حڪومت پاران بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪئي پئي وڃي، وڏو وزير

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور

سنڌ حڪومت پاران بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪئي پئي وڃي، وڏو وزير
سنڌ حڪومت پاران بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪئي پئي وڃي، وڏو وزير
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته رمضان المبارڪ جي با برڪت مهيني ۾ عوام کي ڀرپور رليف ڏيڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت پاران صوبي اندر رمضان بچت بازار ۽ اٽي سستا اسٽال قائم ڪيا پيا وڃن جڏهن ته کاڌي پيتي جي مختلف شين جي قيمتن تي ضابطي آڻن لاءِ لڳاپيل ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنرس کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ يوٽيليٽي اسٽورز تي پڻ کاڌي پيتي جون مختلف شيون رعايتي اگهه تي ڏنيون پيون وڃن. هن اهڙو اظهار سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ افطاري ڪرڻ کانپوءِ ماڻهن جي مختلف وفدن سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت پاران وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون پيون وڃن. جڏهن ته ان سلسلي ۾ پوليس کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ۽ جديد هٿيار ڏنا پيا وڃن. سنڌ حڪومت پاران بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪئي پئي وڃي جڏهن ته صوبي اندر مختلف هلندڙ ترقياتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو ۽ جڏهن ته صوبي اندر ڪجهه نوان پروجيڪٽ ۽ ترقياتي اسڪيمون شروع ڪيون وينديون. وزير اعلى چيو ته صحت ۽ تعليم جي شعبي کي وڌ ۾ وڌ بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران مختلف ضلعن اندر ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرس اسپتالون قائم ڪيون پيون وڃن جڏهن ته صوبي اندر سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. بعد ۾ وڏي وزير سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ ماڻهن جي مختلف وفدن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سندن مسئلا معلوم ڪري سندن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون. ان کانپوءِ وڏي وزير علي رضا شاهه جي ٿلهي تي مختيار علي شيخ سان سندس والده جي وفات تي جڏهن ته مير علي بازار ۾ پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن عابد علي شيخ ۽ ربنواز شيخ سان سندن مائٽن جي وفات تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سان ڪمشنر سکر ڊويزن ڊآڪٽر نياز علي عباسي، وڏي وزير جواسپيشل سيڪريٽري محمد عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي، ايس ايس پي خيرپور محمد عثمان باجوه ، وڏي وزير جو پرسنل سيڪريٽري مظهر علي، پيپلز پارٽي اڳواڻ لعل بخش منگي، ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو، غلام حُسين مغل ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button