مختصر خبرون

روھڙي: شر برادري جو عورتن کي مارڪٽ ڪرڻ خلاف احتجاج

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
روهڙي جي علائقي ٻيڙي چوڪ جي رهواسي شر برادري پاران گهر تي حملي ۽ عورتن کي مارڪٽ ڪرڻ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ۾ شامل عورتن مسمات پٺاڻي،نصيبان،مبارڪان،بشير احمد ۽ ٻين چيو ته گذريل رات دير سان جوابدارن گهر تي حملو ڪري مسمات پٺاڻي،مبارڪان ۽ ٻين کي زخمي ڪيو واقعي کان پوءِ روهڙي ٿاڻي تي پهتا سين پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو هنن ٻڌايو ته 2 سال اڳ جاگيراڻي ڌر جي هٿياربندن رشتو نه ڏيڻ تان اسان جي ناري نورجهان کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش اڇلائي ڇڏيو واقعي جو ڪيس حبدار جاگيراڻي،ڪريم بخش ۽ ٻين مٿان داخل ڪرايو ويو پوليس حبدار کي گرفتار ڪيو جيڪو هينئر ضمانت تي آزاد آهي هنن چيو ته ڪيس تان دستبردار ڪرائڻ لاءِ گذريل رات اياز ميمڻ ۽ ٻين حملو ڪري پٺاڻي،مبارڪان کي شديد زخمي ڪري فرار ٿي ويا واقعي کان پوءِ روهڙي ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرائڻ لاءِ وياسين پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو هنن چيو ته واقعي پٺيان روهڙي ٿاڻي جو اهلڪار به ملوث آهي اعليٰ اختياريون ايڪشن کڻن..

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button