مورو

مورو: رمضان آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪندڙن ۽ منافا خوري ڪندڙن خلاف آپريشن

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
Moro pixs 2 (640x200)مورو شهر ۾ رمضان آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪندڙن ۽ منافا خوري ڪندڙن خلاف اسپيشل مئجسٽريٽ الطاف گوهر ميمڻ جا شهر جي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي منافا خورن ۽ رمضان آرڊيننس جي ڀنڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي ۽ اگھ وڌيڪ وٺندڙ، هوٽل هلائيندڙ، سرعام مين پڙي گٽڪو وڪرو ڪندڙ، مٺائي هلائيندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪندي مٿن ڏنڊ وڌا، جڏهن ته دڪاندارن ريڙهي وارن سبزي وڪرو ڪندڙن وٽ ريٽ لسٽ معلوم ڪري اگھ چڪاس ڪيا ان موقعي تي اسپيشل مئجسٽريٽ الطاف گوهر ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رمضان شريف ۾ جيڪو آرڊِننس جي خلاف ورزي ڪندو ۽ منافي خوري ڪندو ان کي بخش نه ڪيو ويندو رمضان شريف جو مهينو برڪتن ڀريون مهينو آهي ان تي حڪومت عوام جي لاءِ خصوصي پيڪيج ڏنا آهن جنهن سان ماڻهن کي سستي اگھ تي واهپي جون شيون ملڻ گهرجن جيڪڏهن مقرر ڪيل اگهن تي کاڌي يا عام واهپي واريون شيون نه ڏنيون ويون ته ان سان ٽڪي جي به رعايت نه ڪئي ويندي ۽ منافعي خور هڪ ٽڪي جو به غلط واڌارو ڪيو ان خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته اسپيشل مئجسٽريٽ جي اهڙن قدمن کي مورو جي عوام ساراهيندي چيو ته اهڙا فرض شناس آفيسر هوندا ته عوام سان ناجائزي نه ٿيندي ۽ منافعي خور پنهنجو بڀ ڀري نه سگهندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button