ٽنڊو محمد خان

معذور نوجوان جو قدر ڪندي انهن جي صلاحيتن کي اجاڳر ڪيو وڃي، سيمينار کي خطاب

فهيم ڀٽي، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ٽنڊو محمد خان

معذور نوجوان قدر ڪندي انهن جي صلاحيتن کي اجاڳر ڪيو  وڃي، سيمينار کي خطاب
معذور نوجوان قدر ڪندي انهن جي صلاحيتن کي اجاڳر ڪيو وڃي، سيمينار کي خطاب
يوٿ سائڪو شوشل هيلٿ اشو ، يوٿ افئير ڊپارٽمينٽ جي تعاون سان شمع سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ڪميونٽي هال مين پرائمري اسڪول ۾ هڪ سيمينار منقعد ڪرايو ويو، جنهن جو نفسياتي مسئلن ۽ الجهنن کي حل ڪرڻ ڪرائڻ لاءِ مؤثر حل ڳولڻو هو، سيمينار جي شروعات ۾ ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ڪئي ويئي جنهن کانپوءِ شمع سوشل ڊوولپمينٽ آرگنائيزيشن جي چيف ايگزيڪيٽو محمد سومار آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو، ان کانپوءِ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر يوٿ هيلٿ اوئيرنيس پروگرام سليم صديقي سيمينار جي مقصدن تي ڳالهائيندي چيو ته اڄ جي نوجوانن جي نفسياتي ۽ جسماني صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ هي سيمينار منقعد ڪرايو ويو آهي ، هن چيو ته نوجوان تمباڪو نوشي ۽ ٻين برن ڪمن کان پاسو ڪن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي معذور نوجوانن جي ذهني ۽ احساسي صلاحيتن کي مجروح ڪرڻ کان پاسو ڪن، سيمينار کي خطاب ڪندي ماهر نفسيات ڊاڪٽر نسيم اختر چيو ته اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا اهو الجهيل آهي ۽ ان کي حل ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هن چيو ته خاص ڪري اڄ جو معذور نوجوان احساس محرومي جو شڪار آهن انهي جو قدر ڪندي انهن جي صلاحيتن کي اجاڳر ڪيو وڃي، ته جيئن هو نفسياتي طور تي پنهنجي پاڻ کي ڪميونٽي جو هڪ ڪارگرد شهري سمجهي ، انهي کانپوءِ ڊاڪٽر نسيم اختر کان سيمينار ۾ موجود نوجوانن صحت ۽ نفسيات جي حوالي سان سوال پڇيا جنهن جو ڊاڪٽر نسيم جواب ڏيندي نوجوانن کي مطمئن ڪندي رهي، سيمينار جي آخر ۾ نوجوانن ۽ صحافين ساحل اياز، فهيم ڀٽي ، عارف قريشي ۽ ٻين کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button