قلندر شهباز جي ميلي دوران سخت گرمي سبب گھربل ضرورتن جي فراهمي کي يقيني بنايو وڃي ، ساجد جمال ابڙو
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
حضرت سخي لال شھباز قلندر جو ساليانو761ھون ٽه روزه عرس مبارڪ تاريخ 28، 29 ۽ 30 جون 2013 تي سيوھڻ شريف ۾ وڏي شايان شان طريقي سان ملھائڻ جي انتظامن بابت چيرمين شھباز ميلا ڪميٽي/ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ساجد جمال ابڙو جي صدارت ھيٺ اڄ سندس آفيس ۾ خصوصي اجلاس منعقد ٿيو، جنھن ۾ روينيو، پوليس، هيلٿ، ايجوڪيشن، اوقاف، بلديات، واپڊا، ٽيليفون، هاءِ ويز، اريگيشن کاتن جي ضلعي آفيسرن، صنعتڪارن ۽ واسطيدار ادارن جي عھديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ھن زائرين کي سموريون سهوليتون خاص ڪري سيڪيوريٽي، ٿڌي پاڻي ۽ صحت جي ضرورتن جي تي زور ڌيندي چيو ته موجوده سخت گرمن سبب اهڙي ضرورتن جي دستيابي ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي. جنھنڪري سڀني زائرين لاءِ برابر سھوليتون مھيا ڪرڻ کي يقيني بنائڻ واسطيدار عملدارن کي باھمي رابطي ۽ مخلصي سان پنھنجا فرائض انجام ڏيڻ گھرجن، ته جيئن ان موقعي تي ڪابه بدنظمي ۽ ماڻھن کي مشڪلات جو منھن ڏسڻو نه پوي. ھن هن درگاه قلندر تي ڪلوز سرڪٽ ڪيميرائون غائب ٿيڻ جو سخت نوٽيس وٺندي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ محمد صفر چنا جي سربراهي ۾ انڪواري ڪميٽي جوڙي ٽن ڏينهن اندر ان بابت کيس رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر پوليس حڪام کي چيو ته ڪوبه ناخوشگوار واقعونه ٿيڻ لاءِ ميلي دوران سيڪيوريٽي جا سخت ترين انتظام ڪيا وڃن. هن اھو عزم پڻ ظاھر ڪيو ته عرس مبارڪ جي تقريبات کي وسيع ۽ نئي جدت سان ملھائڻ لاءِ سموريون صلاحيتون ۽ وسيلا ڪتب آندا ويندا ۽ واپڊا عملدارن کي خاص ھدايت ڪئي ته عرس جي ٽنھي ڏينھن تي بجلي جي لوڊ شيڊنگ نه ٿيڻ گھرجي، تاھم احتياطي طور تي جنريٽرن جو پڻ بندوبست رکيو وڃي ۽ شھر جي ٻين اھم ھنڌن تي ٽرانسفارمرن کي بھتر حالت رکن ته جيئن پروگرامن جي انعقاد، ڪاروبار ۽ زائرين جي اچ وڃ ۾ ڪا رڪاوٽ نه اچي سگھي. اجلاس کي انتظامن بابت آگاھي ڏيندي ٻڌايو ويو ته ٽه روزا عرس شريف دوران قومي ادبي ڪانفرنس، سنڌ جي روايتي سگھڙن جي ڪچھري، محفل موسيقي، ملاکڙو، صنعتي و ثقافتي نمائش ۽ ٻيا رنگارنگ پروگرام منعقد ڪيا ويندا. پوليس آفيسرن سيڪيوريٽي پلان متعلق ٻڌايو ته عرس دوران سيوھڻ شريف جي داخلي رستن ۽ مزار جي احاطي ۾ فول پروف پلان مرتب ڪيو ويندو، جنھن تحت اھم جڳھن تي ڪلوز سرڪٽ ڪيميرائون ۽ واڪ ٿروگيٽ لڳائڻ کان علاوه پوليس، رينجرس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اھلڪارن جي وڏي نفري مقرر ڪئي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ميلي ۾ ٽريفڪ نظام کي بھتر رکڻ لاءِ سيوھڻ جي ٻنھي طرفن کان پارڪنگ جا گرائونڊ ھموار ڪيا ويندا ۽ شھر مان ناجائز حددخليون ھٽائڻ، صفائي سٿرائي رکڻ، واٽرسپلاءِ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي لاءِ منصوبا بندي ڪئي پئي وڃي. صحت کاتي جي آفيسرن ٻڌايو ته ميلي جي موقعي تي فوري طبي امدادي ڪيمپون، گشتي دواخانا ۽ ايمبولينس سروسز کان علاوه شھر ۽ پسگردائي ۾ موجود اسپتالن سميت انڊس ھاءِ وي تي علاج و معالجي جون سھوليتون پڻ ميسر رکيون وينديون. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ماضي جيان سخت گرمي سبب واھن ۾ وھنجندي ٻڏي فوت ٿيڻ جھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ به موثر ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي. اجلاس دوران عرس مبارڪ جي سمورن معاملن کي سٺي نموني انجام ڏيڻ لاءِ مختلف ڪميٽيون ۽ ڪنوينئر مقرر ڪيا ويا ۽ کين ھدايت ڪئي ويئي ته اينڊ اجلاس ۾ ھو پنھنجي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪن، ته جيئن ان جي مدنظر انتظامن ۾ وڌيڪ پيش رفت آڻي سگھجي.