شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ پريس ڪلب جي چونڊ ٿي گذري، دهل۽ شرناين تي ريلي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ پريس ڪلب جي چونڊ ٿي گذري، دهل۽ شرناين تي ريلي
شهدادڪوٽ پريس ڪلب جي چونڊ ٿي گذري، دهل۽ شرناين تي ريلي
شهدادڪوٽ پريس ڪلب جي چونڊ ٿي گذري جنهن ۾ 2013-2014 لاءِ صدر سڪندر لغاري ءِ جنرل سيڪريٽري يوسف ڪمبوه ءِ ٻين اڳواڻن کي چونڊيو ويو،تعلقه بار جي صدر ايڊووڪيٽ ربنواز سومرو ،شهري اتحاد اڳواڻ محمد جان عابد ، نيشنل پريس ڪلب جي صدر ضمير کرل ءِ عوامي پريس ڪلب جي عبدالوهاب کيازئي جي نگراني ۾ چونڊ ٿي گذري جنهن ۾ سڪندر علي لغاري کي صدر ، محمد يوسف ڪمبوه کي جنرل سيڪريٽري ، جڏهن ته محمد صالح کوسي کي سينئر نائب صدر ، غلام سرور ڪمبوه نائب صدر ، جميل شاه کي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ،ڊاڪٽر قربان ڏنگر کي آفيس سيڪريٽري ، ارباب جهانگير شيخ کي اطلاعات سيڪريٽري ۽ خرانچي ذوالفقار ڪمبوه کي چونڊيو ويو اليڪشن بابت ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي نئين صدر سڪندر لغاري ۽ ٻين چيو ته هُو پريس ڪلب ۽ صحافين جي مسئلن لاء ڪردار ادا ڪندا ان کان علاوه تقريب کي پريس ڪلب جي اڳواڻي صدر جاويد اختر ڪمبوه، عدنان ڀٽي، خادم ننگراڻي ، رئيس گلشن چانڊيو ، شاهد اعوان ۽ ٻين شرڪت ڪئي بعد ۾ چونڊن جي خوشي ۾ دهل۽ شرناين تي ريلي ڪڍي شهر جي گشت ڪرڻ بعد درگاه ميان غلام صديق جي درگاه پهچي سندس مزار ۽ شهيد صحافي ميان عطامحمد صديقي جي درگاه تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ويون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button