ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري چونڊجي ويو

فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي
اعظم ڀٽي
سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سالياني چونڊ سنڌي ادبي سنگت جي آفيس ۾ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري نبي بخش ناز ۽ ضلعي اطلاعات سيڪريٽري سارنگ شاهه جي نگراني ۾ ٿي گذري ، جنهن ۾ شاخ جي سيڪريٽري جي عهدي تي ادب دوست پئنل جي اميدوار اعظم ڀٽي 20 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته سندس مدمقابل سنڌ دوست پئنل جي نثار ناز 13 ووٽ کڻي سگهيو، ڪائونسلر جي عهدي تي اعظم ڀٽي پينل جو رفيق آس لغاري ڪامياب ٿيو جڏهن ته ڪاروباري ڪميٽي تي پڻ اعظم ڀٽي جي ادب دوست پينل جا ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، مشڪور ڦلڪارو، عاشق ڳاهو، حڪيم يوسف کتري، سومار سنگم، انعام ٽکڙائي ۽ صالح امير ڪامياب ٿيا، جڏهن ته جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي ساگر سڪندر پسيو، ليڊي جوائنٽ سيڪريٽري بي بي امبر شاهه، خزانچي گل خاصخيلي ۽ آڊيٽر جي عهدي تي محبوب لغاري اڳ ۾ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿيا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button