آرٽيڪلاليڪشن 2013

انهيءَ کي چئبو آهي ڌانڌلي ۽ خونريزي

ڌانڌلي ڪرڻ جا ٻه ٽي قسم ٿيندا آهن هڪ اهو جيڪو هٿيار جي زور تي شناختي ڪارڊ علائقي واسين کان ڦري پاڻ ٺپا لڳائڻ ٻيو هٿيار جي زور تي اندر پولنگ ۾ داخل ٿي زوري ٺپا هڻي باڪس ڀرڻ.

توفيق الزمان
توفيق الزمان

جڏهن پاڪستان ۾ نگران سيٽ اپ ٺهيو هيو تڏهن کان شفاف چونڊن جو شور مچل هيو ته شفاف ۽ صاف چونڊون ڪرايون وينديون ان سلسلي ۾ الڪيشن ڪميشن آف پاڪستان اهو بيان ڏنو هيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ شفاف چونڊون نه ٿيون ته مان استيفيٰ ڏئي هليو ويندس….؟
پر جيئن جيئن اليڪشن جا ڏهاڙا ويجھو آيا ته چونڊ ورڪ مهم ڪندڙ اميدوارن تي بم حملا ۽ فائرنگ جا واقعا عام ٿي ويا جنهن ۾ اين پي پي شڪارپور جي اڳواڻ ۽ اي اين پي سميت ڪيترن ئي ڪافلن تي بم ڌماڪا ۽ فارنگ جا واقعا ٿيا جنهن ۾ ڪيترائي ليڊر ۽ ڪارڪن شهيد ٿي ويا جنهن جو ثبوت اهو هيو ته پاڪستان ۾ وڌيڪ خونريزي ۽ شفاف چونڊ نه ٿيڻ جو خدشو صاف صاف ظاهر هيو ان وقت ئي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها ۽ اهو طئي ڪري ها ته عام انتخابات فوج جي نگراني ۾ ٿئي ها جڏهن ته پي پي پي، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي کان سواءِ ٻين سڀني پارٽين جي اڳواڻن جو اجلاس به ٿيو جن اهو ئي مطالبو ڪرايو هيو ته عام چونڊون فوج جي نگراني ۾ ٿين پر ائين نه ٿيو نيٺ اچي ڏينهن به ويجھو پهتا اليڪشن چونڊ مهم تي به حملا شروع ٿيا جنهن کان پوءِ جلسن جلوسن تي پابندي لڳي وئي پر هڪ ڳالهه واضح ڪندو هلان ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اها پابند پڻ لڳائي هئي ته ڪير به ايڪو سائونڊ ذريعي ورڪ نه ڪندو پر ان تي عمل ڪنهن به نه ڪيو سواءِ چنڊ پارٽين جي باقي آزاد اميدوارن ۽ ڪجھ بااثرن ايڪو سائونڊن ذريعي پڻ ورڪ ڪئي روزانو 24 ڪلاڪ ايڪو سائونڊن تي گانا هلائيندا رهيا ۽ ورڪ ڪندا رهيا ان ۾ پ پ جا اميدوار پڻ شامل هيا جڏهن ته جلسن تي پابندي باوجود پ پ ۽ ڪجھ ٻين آزاد اميدوارن پنهنجي مرضي مطابق جلسا ۽ جلوس ڪڍيا ۽ ورڪ مهم دوران ايڪو سائونڊ پڻ ھلايا.
نيٺ اچي 11 مئي ڏهاڙو آيو جيڪو عام چونڊن جو ڏهاڙو هيو ان ڏينهن سيڪيورٽي نالي ڪا به شئي نه هئي پولنگ اسٽيشن تي هڪ هڪ سپاهي يا ٻه ٻه سپاهي موجود هيا جنهن کي جيئن وڻي پيو اهو تيئن داخل ٿي رهيو هيو توڙي ننڍڙو ٻار هجي يا غير ماڻهو هيو هر هڪ پولنگ تي اندر اچ وڃ ڪري رهيو هيو انکي پوليس جي ڪا به منع نه ٿيل هئي جڏهن اندر پاس کان سواءِ ڪنهن کي به اجازت نه هئي جڏهن ته پولنگ اندر ووٽ ڏيندڙ عام ماڻهو جيڪي پنج پنج ٻه ٻه هڪ هنڌ بيهي ٺپا هڻي رهيا هيا جيڪي قانون جي ڀڃڪڙي هئي ڪٿي ڪٿي ته پرزائڊنگ آفيسر پاڻ به ٺپا هڻي پيا ڏين ۽ دٻن ۾ وجھي پيا ڏين ڇا اها ڌانڌلي نه هئي يا ڇا اها قانون جي ڀڃڪڙي نه هئي جڏهن مان صبح جو اٿڻ سان ئي اول اول ٽيلي ويزن جوجائزو ورتو ته پهريائين اها نيوز نظر ۾ آئي ته ڪراچي جي اين اي 250 تڪ تي بيلٽ پيپر ۽ باڪس نه پهتا ۽ ماڻهن جو هزارن جي تعداد ۾ رش نظر آيو تڏهن به اليڪشن ڪميشن رڳو اهي بيان ڏنا ته اين اي 250 جي هي رپورٽ آئي آهي پر اهڙو ڪو به قدم نه کنيو جيئن ان تڪ جو مسئلو حل ٿي وڃي ها جڏهن ته اتان جو پرزائڊنگ آفيسر ۽ ٻيو عملو پڻ نه پهتل هيو جيڪا سراسر نا انصافي ۽ ڌانڌلي هئي اڃا ٻي ڪهڙي ڌانڌلي ٿيندي آهي آهستي آهستي شام ٿيندي وئي ۽ 5 بجه ٽائيم ٿيو وري خبر پئي ته ڪلاڪ ٽائيم اڃا وڌايو ويو آهي نيٺ اهو ڪلاڪ به گذري ويو پوءِ ماڻهن کي صرف چونڊ نتيجن جو انظار رهيو پر اها ڪنهن کي خبر هئي ته اهو انتظار انتظار ئي رهجي ويندو شايد ايترو انتظار ڪنهن محبوب معشوق کي به نه ڪرايو هجي ڪيترن ئي پولنگن جا نتيجا ظاهر ٿيا پر اڃا به ڪيترن پولنگن جا نتيجا ظاهر ناهن ٿيا جڏهن ته ڪيترن ئي پولنگن جا باڪس هاءِجيڪ ٿيل آهن انهن جو ته نالو نشان ئي ناهي اهو صرف ڪنهن هڪ شهر ۾ نه پر سموري سنڌ ۾ اهڙا واقعا پيش آيل آهن ڪيترن ئي پولنگن تي پ پ پ سميت ڪيترن ئي پارٽين جي اڳواڻن پنهنجي محافظن ۽ اتان جي سپاهي جيڪي پنهنجي ڊيوٽي ڪري رهيا هيا انهن سان گڏجي رات جي انداهي ۾ ٺپا هڻي رهيا هيا جنهن ۾ پراائڊنگ آفيسر سميت ٻيو عملو شامل آهن ڪنهن تي اهو الزام ناهي پر اهي ثبوت آهن جڏهن ڌانڌلي ٿي رهي هئي ته انجا فوٽيج ڪيترائي ٽيليويزن تي به اچي ويا هئا پر اليڪٽرانڪ ميڊيا کان وڌيڪ اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا تيز ۽ آزاد آهي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ۾ ايترو فرق آهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا بااثر طرفان ڌانڌلي ڪيل جملو پيش ڪندي آهي ۽ سوشل ميڊيا اهو واضح ڪري لکندي آهي ته اهي ڌانڌلي ڪندڙ ڪير آهن انهن جا وڊيوز ته ان 11 مئي واري ڏهاڙي تي ئي اپلوڊ ٿي ويا هيا جيڪي هڪ منٽ ۾ لکين يوزرن شيئر ڪري پنهنجو فرض ادا ڪيو پر هجي ڪير جو انهن ڌانڌلي ڪندڙ خلاف ايڪشن کڻي نوٽيس وٺي؟
هاڻي الڪيشن چونڊ نتيجا ته اچي ويا پر سنڌ جي ڪيترن ئي حلقن مان چونڊ نتيجا هن وقت تائين نه پهتا آهن جنهن جي ڪري گذريل ڏينهن کان ڪارڪنن ۾ شڪتاڻ وڌي وئي جيئن گذريل ڏهاڙي نواب شاهه ۽ جيڪب آباد سميت ڪيترن شهرن ۾ مظاهرا ٿيا ۽ ڌرڻا لڳا جن جي نتيجي ۾ ٻن ڌرين ۾ پڻ جهيڙو ٿيو اهو جھيڙو نه پر اها خونريزي هئي جن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿي پيا اهو سلسلو اڃا به جاري آهي پير سائين پاڳاري پڻ ان ڳالهه جي اڳڪٿي ڪئي هئي ته اليڪشن دوران پئسو هلندو ۽ وڏي خونريزي هلندي جيڪو اڄ ٿي رهيو آهي چونڊن جا نتيجا اڃا به ظاهر ٿيندا پيا وڃن جيئن ڪنهن بيروني ملڪ مان ڪو قيدي ڇڏرائجي يا ڪنهن اڳوا ٿيل ڪارڪنن کي ڇڏائجي اها آهي شفاف چونڊ جڏهن ته ڪيترن ئي پارٽين جي اڳواڻن چونڊ نتيجن کي رد ڪندي ڌانڌلي جو الزام لڳايو ويو آهي ۽ هو چئي رهيا آهن ته اسان وٽ ثبوت آهن جيڪڏهن اهي ثبوت واقعي آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي گھرجي ته هو انهن ثبوتن جو نوٽيس وٺي ۽ امن امان ڪرائي سموري سنڌ ۾ ٻيهر فوج جي نگراني ۾ اليڪشن ڪرائي وڃي يا انهن انهن حلقن ۾ چونڊ ٻيهر ڪرائي وڃي جتي جتي ڌانڌلين جا الزام ثابت ٿيا آهن هوءَ به ڌانڌلي ڪٿي ڪٿي ٿي آهي اها سڀني کي خبر آهي جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پاڪستان جي وڏي تاريخ ۾ اهو 11 مئي 2013 هوندو.
tofiquezaman@gmail.com

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button