اليڪشن 2013عمرڪوٽ

عمرڪوٽ : صاف و شفاف ۽ پرامن طريقي سان ڪرائڻ جي لاءِ ڪوتاهي برداهشت نه ڪئي ويندي ، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، عمرڪوٽ

ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ
عام چونڊن جي مرحلي کي صاف و شفاف ۽ پرامن طريقي سان ڪرائڻ جي لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداهشت نه ڪئي ويندي ايڪشن ڪميشن جي هدايت جي مطابق جاري ڪيل ضابطا اخلاق ته سخت عمل ڪرايو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ سورهيه بادشاهه ڪامپليڪس ۾ چونڊن جي انتظامات ۽ سڪيورٽي پلان جي آخري شڪل ڏئڻ جي لاءِ ڪوٺايل هڪ اجلاس خطاب ڪندي ڪيو ، اجلاس ۾ سڀني ادارن جي آفيسران شرڪت ڪئي ، ڊپٽي ڪمشنر چيو ته عوام جي جان و مال جي تحفظ لاءِ سڪيورٽي انتظامات بهتر برائڻ جي لاءِ اولين ترجيح ڏني وئي آهي ، هن چيو ته اليڪشن جي دوران 10 کان 12 مئي تائين ضلعي جي سڀني ادارن جي آفيسرن کي پنهنجي آفيس ۾ موجود رهڻ گهرجي ان هدايت ڪئي ته مشڪوڪ ماڻهن تي سخت نظر رکي وڃي ان موقعي ته ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر محمد عمر رند کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ايمبولنسون ۽ اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي هن چئن تعلقن جي اسسٽينٽ ڪميشنرن کي چيو ته اليڪشن ڪمشن جي هدايت مطابق ضابطه اخلاق تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ۽ ان جي خلاف ورزي ڪرڻ وارن جي خلاف فوري طور تي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ،هن ڊسٽرڪٽ آفيسر ورڪس ايند سروس کان اليڪشن جي سلسلي ۾ پولينگ اسٽيشن جي ڪيل انتظامن جي باري ۾ معلومات ورتي ۽ هدايت ڪئي ته بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي هر پولنگ اسٽشن جي يقيني بڻايو وڃي ۽ جن پولنگ اسٽيشن تي پکا به لڳل آهن اتي فوري طور تي پکا لڳايا وڃن ، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ آفيسر ورڪس اينڊ سروس چيو ته 159 اسڪولن ۾ تمام انتظام ٿئي چڪا آهن ، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ چيو ته ٿر ۽ پوئتي پيل علائقن جي پولنگ اسٽيشنن تي ٽينٽ ، پاڻي ، جرنيٽر جي انتظام کي يقيني بڻايو وڃي ته جئين ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ، هن چيو ته جلد کان جلد تمام انتظام مڪمل ڪيا وڃن ، انهي موقعي تي ڊسٽرڪٽ آفيسر تعليم غلام مصطفي سومرو چيو ته تقريبن اسان جي سڄي اسٽاف جي اليڪشن جي حوالي سان ٽرينگ ٿي چڪي آهي باقي 400 استادن جي ٽرينگ سڀاڻي تائين مڪمل ٿي ويندي هن وڌيڪ چيو ته اسان جي اسٽاف جون ڊيوٽيون اين اي 226 ۽ اين اي 227 وارن تڪن جي پولنگ اسٽيشنن تي لگائي وئي آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button