اليڪشن 2013: باڊھ ۾ اميدوارن طرفان پريس ڪانفرنسن ۽ عذرخواھين جو سلسلو جاري
عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
پي ايس 41 جي آزاد اميدوارن عادل الطاف انڙ، سڪندر علي بروهي، اين اي 205 جي آزاد اميدوار نور احمد بروهي پنهنجي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ تڪ جي مختلف شهرن باڊهه، ڏوڪري، نصيرآباد، وڳڻ، لالو رائنڪ ۽ ٻين ڳوٺن جا طوفاني دورا ڪري ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايون، جڏهن ته مختلف هنڌن تي اميدوارن پاران پريس ڪانفرنس ۽ عذر خواهيون ڪيون ويون، جڏهن ته باڊهه ۾ آزاد اميدوار ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر بروهي جي حمايت ۾ موٽر سائيڪلن تي وڏي ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي عادل الطاف انڙ چيو ته اسان ماضي ۾ به تڪ جي عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪئي آهي ۽ هاڻي به چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻڻ کانپوءِ علائقي ۽ تڪ واسين جي مسئلن لاءِ اسميبلي اندر آواز اٿارينداسين، جڏهن ته اين اي 205 ۽ پي ايس 41 جي آزاد اميدوار نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علائقي جو عوام اڳوڻن چونڊيل نمائندن کان بيزار ٿي چڪو آهي، هو هن ڀيري پراڻن چهرن بدران اسان کي ڪامياب بڻائي ايوانن تائين پهچائيندو ۽ اسان لوڊشيڊنگ، بدامني، بيروزگاري ۽ سندن ٻيا مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪرائينداسين. ٻئي طرف ذڪر ڪيل اميدوارن جي مختلف ڳوٺن ۾ ڀرپور آجيان ڪئي وئي، رهواسين سندن حمايت ۾ جهمريون هڻي ۽ گلن جي ورکا ڪئي وئي.