مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي

ڪئمپس جي ملازمن کي اداري جي ترقي لاءِ ائين ئي بنا فرق جاکوڙڻ گهرجي، غلام سرور ڪنڌر

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
Mehran University Khairpur (640x361)مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس جي پرو وائس چانسلر انجنيئر غلام سرور ڪنڌر چيو آهي ته،ننڍا ۽ وڏا ملازم واري لغت منهنجي زندگي جي ڪتاب ۾ ناهي،مون لاءِ سڀ ملازم برابر آهن، ڪئمپس جي ملازمن کي به اداري جي ترقي لاءِ ائين ئي بنا فرق جاکوڙڻ گهرجي ۽ اداري کي پنهنجو گهر سمجهڻ گهرجي.اهڙن خيالن جو اظهار هن مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪئمپس جي ملازم يونين پاران ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. انجنيئر غلام سرور ڪنڌر وڌيڪ چيو ته آئون ڪئمپس کي جلد پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل(پي اي سي) وٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ کان وٺي هائير ايجو ڪيشن ڪميشن کان اداري جي ترقي لاءِ فنڊ وٺڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهيان. تقريب کي خطاب ڪندي ڪئمپس جي ملازم يونين جي صدر بهارالدين مڱريو چيو ته،پرو وائس چانسلر جهڙي ريت ملازمن جا مسئلا حل ڪيا آهن ۽ انهن سان ملازم دوست رويو رکيو آهي،اسين اميد ٿا ڪريون ته هو مستقبل ۾ به ائين ئي ملازم دوست پاليسيون جاري رکندو.تقريب کي ڪئمپس جي استاد يونين جي جنرل سيڪريٽري انجنيئر بلال شمس ميمڻ، ۽ ملازم يونين جي نائب صدر امتياز سولنگي خطاب ڪيو.جڏهن ته چئني شعبن جي سربراهن،انتظامي شعبن جي سربراهن ۽ ملازمن جي تمام وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ پرو وائس چانسلر انجنيئر غلام سرور ڪنڌر کي مبارڪن سان گڏ اجرڪن جا تحفا ڏنا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button