جوھي

جوھي: جوابدار گرفتار ڪيو شهرين پاران پوليس خلاف احتجاج

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،جوهي

جوھي: جوابدار گرفتار ڪيو شهرين پاران  پوليس خلاف احتجاج
جوھي: جوابدار گرفتار ڪيو شهرين پاران پوليس خلاف احتجاج
انصاف ڪيو ،جوابدار گرفتار ڪيو شهرين پاران پوليس خلاف احتجاج ،ڌرڻو خبر موجب 4 ڏينهن اڳ جوهي شهر جي مشهور درگاه سيد آندل شاه بخاري جي پلاٽ جي دنگ تان ٿيل جهيڙي ۾ زخمي ٿيل گادي نشين جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف شهرن پاران سيد عارف شاه ، اعجاز شاه ،شاه محمد گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري فاضل چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ايس ايڇ او جوهي 4 ڏينهن اڳ ٿيل جهيڙي جو ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي هنن چيو ته جوابدار با اثر هجڻ ڪري ايس ايڇ او جوهي صبح شام ٿاڻي تي گهرائي تذليل ڪري رهيو اهي هنن چيو ته ايس ايڇ او جوهي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرن بجاءِ اسان کي جوابدار ڪري ڇڏيو آهي ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون هنن ايس ايس پي دادو آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته ايس ايڇ او جوهي کي هٽائي ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ايس ايس پي دادو آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button