پرڏيھي خبرون

ڏکڻ آفريڪا جا 13 فوجي مارجي ويا

انڊس ميڊيا واچ
-جوھانسبرگ:ڏکڻ آفريڪا جا 13 فوجين جي مارجڻ بعد سيٽرل آفريڪن ريپبلڪ مان پنھنجي 200 فوجين کي واپس گھرائي ورتو آھي. اھا ڳالھھ ڏکڻ آفريڪي نيشنل ڊفينس جي ترجمان اڱاري ڏينھن آمريڪي خابرو ايجنسي کي ٻڌائي. سينٽرل آفريڪن ريپلبڪ ۾ مارجي ويل ڏکڻ آفريڪا جي فوجين جي ياد ۾ ھڪ دعا جي تقريب به منعقد ٿي جنھن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي صدر جيڪب زوما به شرڪت ڪئي.
صدر جيڪب زوما مخالف ڌر جي مطالبي جي حمايت ڪندي سينٽرل ريپبلڪ مان فوجي واپس گھرائي ورتا آھن. ڏکڻ آفريڪا جي صدر انھنن الزامن کي بي بنياد قرار ڏيئي ڇڏيو آھي جن ۾ چيو ويو ھئو ته جيڪب زوما حڪمران پارٽي نيشنل ڪانگريس جي ڪاروباري مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ فوجي سينٽرل آفريڪن ريپبلڪ موڪليا ھئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button