اسلام آباد

پاڪستان، افغانستان جي وچ ۾ نئون تنازعو

انڊس ميڊيا واچ، اسلام آباد

فائل ڦوٽو
فائل ڦوٽو
پاڪ افغان سرحد تي ھڪ چيڪ پوسٽ جي قائم ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ھڪ نئون تنازعو پيدا ٿي ويو آھي. واضح رھي ته ڪابل پھريان ئي اسلام اباد تي افغان علائقي ۾ شيلنگ ڪرڻ جو الزام لڳائي چڪو آھي. سومر ڏينھن پاڪستاني سفير محمد صادق سان ملاقات جي دوران افغانستان جي نائب پرڏيھي وزير جاويد لودن ان حوالي سان افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته ان کي ڊيورنڊ لائن تي پاڪستان فوج پاران ھڪ طرفو قرار ڏنو.
پرڏيھي وزارت جي ترجمان اعزاز احمد چوڌري چيو ته "گورسال پوسٽ پاڪستان جي حد ۾ آھي ۽ اھا پراڻي پوسٽ آھي جنھن جي مرمت جو ڪم جاري آھي.
پرڏيھي وزارت جو چوڻ ھئو ته ان حوالي سان افغانستان کي پھريان ئي آگاھ ڪري چڪا آھيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button