ھنڱورجا

ڏھربرادري برادري جي زرعي زمين تي قبضي خلاف احتجاج

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

ڏھربرادري برادري جي زرعي زمين تي قبضي خلاف احتجاج
ڏھربرادري برادري جي زرعي زمين تي قبضي خلاف احتجاج
هنڱورجا جي ڏهر برادري جي عورتن ، مردن جو علائقي جي بااثر جو زرعي زمين تي قبضي خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو بک هڙتالي ڪئمپ قائم، تفصيل موجب هنڱورجا جي ڏهر برادري جي عورتن ۽ مردن علائقي جي بااثر پاران مبينا طور زرعي زمين تي قبضو ڪري ڪڻڪ جو پوکيل فصل زبردستي کڻي وڃڻ خلاف الله بخش ڏهر، الطاف حسين ڏهر جي اڳواڻي ۾ سخي ناصر شاهه گيٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي جتي عورتون ۽ مرد پاڪ ڪتاب رکي بااثر خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بک هڙتالين الزام لڳايو ته علائقي جو بااثر يار محمد منڱڻيجو اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪري پوکيل ڪڻڪ جو فصل کڻي ويو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي اسان علائقي جي چڱن مڙسن توڙي پوليس انتظاميه وٽ دانهيو آهي پر ڪير به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي اسان جو هي احتجاج انصاف نه ملڻ تائين جاري رهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button